حيدرآباد(رپورٽر) انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سول سوسائٽي جي نمائندن جو اجلاس ڪالھه انساني حقن واري تنظيم (ايڇ آر سي پي) جي ميزباني ھيٺ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿيو، اجلاس ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي حيدرآباد جو بنياد وڌو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي انساني حقن واري تنظيم جي ايڇ آر سي پي حيدرآباد ريجن جي ايڊوائيزر امداد چانڊئي ڳالهائيندي چيو ته ھن وقت بنيادي انساني حقن جي تحفظ لاءِ ھڪ سگھاري گڏيل پليٽ فارم جي ضرورت آھي، اسين گڏيل جدوجھد جي ذريعي ئي پنھنجا بنيادي انساني حق حاصل ڪري سگھون ٿا، سماج سڌارڪ اڳواڻ سليمان جي ابڙي چيو ته ھڪ منصفاڻي سماج اڏڻ لاءِ روشن خيال ۽ بنيادي انساني حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ تنظيمن ۽ فردن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ھجڻ گھرجي، اسين جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي ھڪ مثالي فورم بڻائينداسين. وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته اسان جي سماج ۾ شعوري طور تي انساني حقن ۽ اظھار راءِ جي آزادي کي کسيو ويو آھي، ھتي عورتن ۽ ھيڻن ماڻھن جو ساھه کڻڻ به مشڪل بڻجي ويو آھي نه رڳو ھن اجلاس ۾ شريڪ تنظيمن پر سمورن باشعور ماڻھن کي ھڪ ڌارا ۾ اچي جڙڻ گھرجي، پروفيسر عبدالمجيد چانڊئي چيو ته سماج اندر انتھاپسندي ۾ واڌارو ٿيو آھي، اسان کي ڏاڍ ۽ جبر خلاف گڏيل جدوجھد ڪرڻي پوندي، ويف اڳواڻ امر سنڌو چيو ته فاطمه ڦرڙو جي ناحق قتل ۽ صحافي جان محمد مھر جي شھادت واري واقعي ثابت ڪيو آھي ته اسان جي سماج ۾ عورت ۽ صحافي محفوظ ناھن، حيدرآباد جي سول سوسائٽي کي سموري سنڌ ۾ ٿيندڙ جبر خلاف مک محاذ تي عملي جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت آھي، ايم پرڪاش چيو ته جڏھن به سماج ۾ جبر ۽ ڏاڍ وڌيو آھي ته تڏھن حيدرآباد جو شعور سگھارو آواز بڻجي اٿيو آھي، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح چيو ته ضياءِ جي آمريت وارن ڏينھن ۾ صحافي ۽ سياسي ڪارڪن کلندي ڪوڙا کائيندا ۽ جيل ڪاٽيندا ھئا، سياسي ڪارڪنن ڦاھين کي چمي شھادتون ماڻيون، ماضي جي ڀيٽ ۾ جبر وڌيو آھي ۽ ھاڻ جدوجھد به وڌيڪ سگھاري شڪل ۾ ٿيڻ گھرجي. ان موقعي تي صوبا ڀٽي، حسين مسرت شاھه، زرينا راڻي، ستارا بلوچ، تبسم راڻي، نديم شاھد، اسد اللہ، مونا جبار، عدنان صابر، پارس غفار، فرحين مغل، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي کي تاريخ ساز فيصلو قرار ڏيندي حمايت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي جي ڪائونسل ميمبر پشپا ڪماري ۽ غفرانه آرائين سول سوسائٽي جي آجيان ڪئي. اجلاس ۾ عورتن، اقليتن، ٻارن، ٽرانسجيڊرز جي بنيادي انساني حقن جي آزادي لاءِ گڏيل جدوجھد ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو ويو ته جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سماج ۾ موجود ھيڻن طبقن جو آواز بڻجندي. اجلاس ۾ لاھور اڇرا مارڪيٽ ۾ لباس کي جواز ڄاڻائي عورت کي حراسان ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ نندا ڪندي ان عمل کي عورت دشمن ۽ ملڪ جي سماجي قدرن جي لتاڙ قرار ڏنو ويو.