سينيٽ جي 6 خالي سيٽن تي اليڪشن 14 مارچ تي ٿيندي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد ( م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ جي خالي سيٽن تي چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل شيڊول موجب سينيٽ جي 6 خالي سيٽن تي اليڪشن 14 مارچ تي ٿيندي، سينيٽ جي خالي سيٽن ۾ يوسف رضا گيلاني، مولانا عبدالغفور حيدري، نثار کهڙو، ڄام مهتاب، پرنس احمد عمر ۽ سرفراز بگٽي جون سيٽون شامل آهن، اليڪشن ڪميشن موجب سينيٽ جي سيٽن لاءِ نامزدگي ڪاغذ 2 کان 3 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهبا جنهن کانپوءِ اميدوارن جي فهرست 3 مارچ تي لڳائي ويندي جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال 5 مارچ تي ٿيندي، اليڪشن شيڊول موجب نامزدگي ڪاغذن تي اپيلون 7 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهبيون ۽ ٽربيونلز 9 مارچ تائين اپيلون اڪلائي سگهندا. نامزدگي ڪاغذ 10 مارچ تائين واپس وٺي سگهجن ٿا، سينيٽ سيٽن جي لاءِ پولنگ قومي اسيمبلي، سنڌ اسيمبلي ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ ٿيندي، قومي اسيمبلي جا ميمبر اسلام آباد مان هڪ سيٽ تي ميمبر کي چونڊيندا. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جا ميمبر 2 ۽ بلوچستان اسيمبلي جا ميمبر 3 ميمبرن کي چونڊيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.