جي يو آءِ پاران مخالف ڌر ۾ ويهڻ جو اعلان، اسپيڪر، وزيراعظم ۽ صدر جي چونڊ جو بائيڪاٽ

اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءَ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، وزيراعظم ۽ صدر جي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن  جي حلف برداري تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته گذريل رات ن ليگ، پ پ، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جو وفد ملاقات لاءِ آيو هو جن سان سٺي گفتگو ٿي.هن چيو ته سياسي اڳواڻن سان ذاتي لاڳاپا ۽ حجت آهي پر اسان جي پاليسي آهي ته اسان ووٽ نه ڏينداسين ۽ اپوزيشن جي سيٽن تي ويهنداسين. سندس چوڻ هو ته جي يو آءِ پارليامينٽ جي ايندڙ ڪنهن ڪارروائي ۾ حصو نه وٺندي، جنهن پارليامينٽ جو نتيجو عوام هٿ ۾ هجڻ بدارن اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ هجي ان جو حصو بڻجداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان پارليامينٽ کي عوام جو نمائندو گهٽ اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو وڌيڪ سمجهيون ٿا . احتجاجي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ بابت سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته انتظار ڪريو، انشاءَ الله اسان عوام جي نمائندگي ڪنداسين. نواز شريف سان ملاقات بابت سوال تي جي يو آءِ ف سربراهه چيو ته نواز شريف سان هن وقت تائين ملاقات ناهي ٿي، وفد رات جو آيو جنهن ۾ مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ آءِ پي پي جا نمائندا شامل هئا، ملاقات ۾ سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.