اختر مينگل ۽ ايمل ولي ۾ ملاقات، وطن دوست اتحاد جوڙڻ تي اتفاق

اسلام آباد (م ڊِ) بلوچستان نيشنل پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻن وچ ۾ اهم ملاقات، قوم ۽ محب وطن دوست قوتن تي مشتمل  قومي سطح تي اتحاد ۽ تحريڪ کي منظم ڪرڻ تي اتفاق. سردار اختر مينگل ۽ ايمل ولي وچ ۾ ملاقات ۾ ملڪي معاملن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت ۽ ان جي نتيجي ۾ جمهوري عمل کي تباهه ڪرڻ جي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، جيئن محڪوم ۽ مظلوم قومن جي خودمختياري، وسيلن تي قبضي ۽ عوام جي ووٽن جي حقن تي قبضو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سمورين ڌرين سان رابطو ڪرڻ جو فيصلوڪيو ويو. ملاقات ۾ اي اين پي سينيٽر ارباب عمر فاروق ڪاسي، بي اين پي سينيٽر اڳواڻ ۽ اڳوڻو ايم پي اي سيد احسان شاهه ۽ واجد ثناءُ الله بلوچ پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.