نيشنل پارٽي به چونڊ نتيجا رد ڪري ڇڏيا، مخالف ڌر ۾ ويهڻ جو فيصلو

ڪوئيٽا(م ڊ)  نيشنل پارٽي چونڊ نتيجن کي رد ڪندي مخالف ڌر ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته سياسي پارٽين سان رابطن لاءِ ڪميٽي  جوڙي وئي آهي. پارٽي جي  سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس ٻئي ڏينهن به مرڪزي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي صدارت هيٺ محمد شاهي هائوس ڪوئيٽا ۾ جاري رهيو، جنهن ۾ پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کان مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئيمرڪزي ڪميٽي تازين چونڊن کي تاريخ جي بدترين ڌانڌلي واري اليڪشن قرار ڏيندي نتيجن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نيشنل پارٽي جا ميمبر بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي ۾ اپوزيشن سيٽن تي ويهندا ۽ اپوزيشن طور پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪندا. بلوچستان اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر مرڪزي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ۽ ڊپٽي پارلياماني ليڊر رحمت صالح بلوچ کي نامزد ڪيو ويو. ملڪ جي سياسي ۽ پارلياماني پارٽين سان رابطي لاءِ ڪبير محمد شاهي ۽ جان محمد بليدي جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ صوبائي صدر رحمت صالح بلوچ، خيربخش بلوچ ۽ خير جان بلوچ به شامل هوندا. مرڪزي رابطا ڪميٽي ميمبر غلام محمد گولي کي اليڪشن ۾ پارٽي اميدوار خلاف ڪم ڪرڻ تي بنيادي ميمبر جي عهدي تان برطرف ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.