لعل شهباز جوساليانو عرس، هزارين زائرين پھتل، دمادم مست قلندر جي گونج

سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ (حضرت لعل شھباز قلندر جو 772 ھون ساليانو عرس مبارڪ جون تقريبون جاري تياريون عروج تي پھچي  ويون. پھرين ڌمال تي گورنر سنڌ چادر چاڙھي ميلي جو افتتاح ڪيو، قلندر لعل شھباز جا لکين عقيدت مند سيوھڻ پھتل، پانڌيئڙن ييرا ڄمائي ڇڏيا، ھر گھٽي ۽ رستن تي دمادم مست قلندر جي نعرن جون گونجون،  سڪيورٽي جا انتظام سخت، تفصيل موجب جڳ مشهور عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شھباز قلندر جي 772 ھين عرس مبارڪ جون ڪالھ پھرين ڌمال تي تقريبون جاري رھيون, گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري سيوھڻ پھچي قلندر لعل شھباز جي مزار تي چادر چاڙھي باقاعده ميلي جو آغاز ڪيو جڏھن ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين عقيدت مند سيوھڻ پھچي ويا جنهن ڪري شھر جون رونقون وڌي ويون آهن زائرين ۾ خاص ڪري پنجاب صوبي جي مختلف ضلعن جا زائرين شامل آھن جيڪي شھر جي ھر گھٽي ۽ رستن تي دھل شرنائين سان قلندري ڌمالن تي رقص ڪندي ۽ ڊگھيون چادرون کڻي دمادم مست قلندر جي نعرن جي گونجار سان مزار تي پھچي حاضري ڀري پنھنجي عقيدتمندي جو اظھار ڪري رھيا آهن, جڏهن ته اوقاف کاتي پاران قلندر جي درگاھ کي رنگين بلبن سان سينگاريو ويو آهي  جڏھن ته زائرين پاران شھر اندر کير شربت ۽ فلٽر واري پاڻي جون سبيلون ۽ نگر نياز  پڻ تقسيم ڪرڻ وارو سلسلو ميلي جا ٽئي ڏينهن جاري رھندو،ميلي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا آهن جنهن ۾ 5000 پوليس اھلڪار, 300 رينجرس ۽ حساس ادارن جا اھلڪار ۽ جوان ميلي جي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رھيا آهن .

  1. شڪي نظر لاءِ 500 سي سي ٽي وي ڪئميرائون نصب

سيوهڻ :  قلندرجي عرس مبارڪ ۾ عوام جي چرپر تي نظر رکڻ لاء درگاهه قلندر اندر 200 ۽ شھر جي مختلف روڊن ۽ چوڪن تي 300 کان  وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳايون ويون ۽ ڪيميرائن کي مانيٽر ڪرڻ لاء ضلعي انتظاميا پاران سيوھڻ جيمخانا گرائونڊ جي ھال ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شھباز ميلا ڪاميٽي ۽ ميونسپل انتظاميا پاران پانڌيئڙن لاء پيئڻ جي پاڻي ۽ صفائي جا انتظام ڪيا ويا آھن. قلندر جي ميلي جي ٻي ڌمال تي ادبي ڪانفرنس ۽ آخري ڌمال تي شھباز آڊيٽوريم  ۾ راڳ رنگ جي محفل سجائي ويندي ۽ شھباز ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا.

  1.  سياسي ماڻهن جون ڳالهيون ليڪ نه ٿيڻ گهرجن: گورنر سنڌ

سيوھڻ: گورنر سنڌ محمد ڪامران ٽسوري حضرت لال شهباز قلندر  رح جي مزار تي حاضري ڏئي مزار تي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪري حضرت لال شهباز قلندر رح 772 هين سالنانه ٽي روزہ عرس مبارڪ جي تقريربات جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي  سان  ڳالهائيندي گورنر سنڌ محمد ڪامران ٽسوری چيو  ته سنڌ ڌرتي اولياءَ اڪرام جي سرزمين آهي ۽  اڄ سيوهڻ ۾  حضرت لال شهباز قلندر رح جي عرس مبارڪ جي  افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي آهي، سنڌ اوليائن جي سرزمين آھي ۽ اسان جي خوشنصيبي آھي جو اسان کي ھي شاندار ورثو مليو آھي ، ھن چيو ته اڄ ھن سنڌ ۽ پاڪستان جي خوشحالي ۽ امن لاءِ خصوصي دعا گھري آهي ته ملڪ ھن وقت معاشي طور تي ڪمزور آھي ۽ ڪا به ھڪ سياسي جماعت معيشت کي بھتر نه ٿي ڪري سگھي ان ڪري گڏيل حڪومت ۾ سڀئي پارٽيون گڏجي ملڪ کي ھن مشڪل حالتن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪنديون، ھن چيو تـ اسان کي بجاءُ ھڪ ٻئي کي ٺيڪ ڪرڻ بعد اسان کي معيشيت کي ٺيڪ ڪرڻ گھرجي، ھـن چيو تـ آزاد اميدوار جن سني اتحاد ۾ شموليت اختيار ڪئي آھي، انهن کي ميڊيا جي ذريعي چوان ٿو تــ اسان سڀني کي گڏجي ملڪ جي معيشيت کي بھتر بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي،سمورن چونڊيل نمائندن کي گھرجي تـ حلف کڻڻ کان پوءِ ملڪ جي سالميت ۽ خوشحالي لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ھن وڌيڪ چيو تـ چونڊيل نمائندن کي جنهن عوام ان ايوان تائين پھچايو آھي انھن جي فلاح ۽ بھبود لاء ڪم ڪرڻ گھرجي ، ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ شموليت جي حوالي سان پڇيل ھڪ سوال جي جواب ۾ گورنر سنڌ چيو تـ سياسي مذاڪرات ۾ ھر پارٽي پنهنجي منشور مطابق ڳالهيون رکندي آھي تـ جيئن ھو پنهنجي تڪ جي عوام جي خدمت ڪري سگھي ، ھن چيو تـ سياسي مذاڪرات جو ڳالھيون عوام ۾ نـ ڦھلائڻ گھرجن ان سان سياسي ماحول خراب ٿيندو آھي ، ھر سياسي پارٽي جو جيڪو مينڊيٽ آھي ان کي تسليم ڪرڻ گھرجي، سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کي مينڊيٽ ڏنو آھي جنهن جو اسان احترام ڪيون ٿا ۽ ساڳي ريت وفاق ۾ بـ جنهن پارٽي جو مينڊيٽ آھي ان جو احترام ڪيون ٿا ۽ اسان کي مثبت سوچ سان سڀني اسٽيڪ ھولڊرز کي گڏ کڻي ھلڻ گھرجي، ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تـ صدر مملڪت ھڪ ذميوار عھدي تي فائز آھي ۽ ھن کي سوچڻ گھرجي تـ دنيا اسان کي ڏسي رھي آھي ۽ ھو جمھوري انداز ۾ اھو عھدو نئين حڪومت جي حوالي ڪري ۽ جيڪڏهن حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  ته ان جو اثر معيشت تي ٿيندو،ھن چيو تـ سڀني پارٽين کي صبر ۽ تحمل جو مظاھرو ڪندي اڳيان وڌڻ گھرجي ھن چيو تـ 24 ڪروڙ عوام منتظر آھي تـ ايندڙ حڪومت ھنن جي زخمن تي مرھم رکي ۽ ملڪ کي ترقي جي رستي تي وٺي ھلي ۽ان موقعي تي سيڪريٽري اوقاف منور علي مهيسر، چيف ايڊمسٽريٽر اوقاف ممتاز علي چنا، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاھ، ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق داريجو، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو علي ذوالفقار ميمڻ ۽ ايس  ايس پي طارق نواز ۽ اسسٽنٽ  ڪمشنر محمد علي گوپانگ ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ جود هئا.

  1. پانڌيئڙن لاءِ شھر جي مختلف ھنڌن تي مفت  طبي ڪئمپون قائم

سيوھڻ: لعل شھباز قلندر عرس مبارڪ ۾ سيد عبدالله شاه انسيٽيٽوٽ ۽ پي پي ايڇ آئي پاران قلندر جي پانڌيئڙن لاء شھر جي مختلف ھنڌن تي مفت 9 طبي ڪئمپون قائم ڪيون ويون  آھن جتي 24 ڪلاڪ عملو ۽ ڊاڪٽر موجود ھوندا جيڪي ميلي جا ٽئي ڏھاڙا جاري رھنديون

  1. حڪومت ميلي ۾زائرين کي سھولت مھيا ڪري پئي: ڊي جي ڪلچر

سيوھڻ:ڊي جي ڪلچر منور مھيسر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تـ حضرت قلندر لعل شھباز جو 772 عرس مبارڪ شروع ٿي ويو آھي ۽  ثقافت ۽ اوقاف کاتي پاران مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. ھن چيو تـ ثقافت کاتي پاران ھر سال وانگر ھن دفعي سگھڙ ڪچھري ۽ محفل موسيقي جو اھتمام ڪيو ويو آھي ۽ سـنڌ حڪومت جي ڪوشش آھي تـ زائرين  کي وڌ کان وڌ سھولت مھيا ڪئي ھن چيو تـ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي ضلعي انتظاميـ ۽ حڪومت ميلي ۾ ايندڙ عقيدتمندن کي سھولت مھيا ڪري رھي آھي, ھن سال زايرين جو تعداد گذريل سال کان وڌيڪ آھي ۽ موسم بـ سٺي آھي ان ڪري عوام وڌيڪ لطف اندوز ٿي رھيو آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تـ ميلي ۾ 20 لک کان وڌيڪ زائرين  ايندا آھن جڏھن تـ اوقاف کاتي جا صرف 250 ملازم درگاھ تي ڊيوٽي ڏيندا آھن ان ڪري ايڏي وڏي تعداد کي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ھوندو آھي پر پوليس, لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين ادارن سان گڏجي عوام کي وڌ کان وڌ بھتر ماحول مھيا ڪيو ويندو آھي. ھن اوقاف کاتي جي ملازمن کي تنبيھ ڪئي تـ ھو زائرين  سان محبت سان پيش اچن ڇو تـ زائرين  اسان جا مھمان آھن. قلندر جي درگاھ تان سون چوري جي معاملي تي ھن چيو تـ ان واقعي ۾ ملوث ملازمن جي نشاندھي ڪئي وڃي ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي جاري آھي ۽ مستقبل ۾ اھڙن واقعن کي روڪڻ لاء بـ سخت حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي.

  1. عرس ۾ جيب ڪترن جا ٽولا لٿل، کيسا ڪٽجڻ جون شڪايتون

سيوھڻ:لعل شھباز قلندر جي عرس مبارڪ ۾ جيب ڪترن جا ٽولا لٿل آھن موبائلون کيسا ڪٽجڻ روز جو معمول بڻيل ۽ زائرين جا مٿي تي ھٿ اچي ويا ۽ پوليس انتظاميه  تي ڳڻتي ظاھر ڪندي گوجرانولا کان آيل چوڌري نواز، لاھور جي پرويز بٽ، شيخوپوره جي سڪندر ۽ ٻين متاثرين چيو ته جيب ڪترن اسان جا کيسا لال شھباز قلندر جي مزار ۾ ڪٽي ڇڏيا آھن جڏھن ته سيوھڻ جي ميلي ۾ ايتري پوليس مقرر ھوندي به اسان محفوظ ناھيون. ھنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽس وٺي جيب ڪترن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.