اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ جي حمايت سان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر شاندانه گلزار جو وڏو انڪشاف،هڪ پرڏيهي ملڪ جي سفارتخاني ۾ گهرائي کيس عمران خان جو ساٿ ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، شاندانه گلزار اسيمبلي اجلاس ۾ عمران خان جو ماسڪ کڻي پهتي، پارليامينٽ ۾ اعزاز سيد سان خاص ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته اڄ اسان سڀ عمران خان آهيون، جن کي عمران خان پسند ناهي اهي به عمران خان آهن، نئين اسيمبلي ته آئي آهي پر مان سمجهان ٿي ظلم ۽ زيادتي ٿي آهي، پر اڄ اسان کي جيڪا وڏي خوشي ملي آهي اها آهي ته چورن جي وات مان آواز ئي نه پيو نڪري،جڏهن به قرآن تي ڪوڙو قسم کڻندو ته توهان پنهنجي تباهي جو سامان پاڻ پيدا ڪري ڇڏيو،انهن(حڪمران اتحاد) پنجاب، مرڪز،بلوچستان ۾ ڪوڙو حلف کنيو آهي، هن چيو ته اسان طرفان ڪڏهن به جهيڙو نه ٿيندو، 25 مئي تي انهن اسان خلاف آپريشن ڪيو،9 مئي تي اسان جا 25 ورڪر شهيد ڪيا ويا،ڪيترائي زخمي ٿيا، اسان جواب نه ڏنو،اسان بدلو اڳتي به نه وٺنداسين،هڪ سوال جي جواب ۾هن چيو ته آمريڪا هلائڻ ڏيندو ته حڪومت هلي سگهندي،بائيڊن يوڪرين،فلسطين ۾ ماڻهو مارايا، هن پاڪستان ۾ به ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر عمران خان جواب ڏنو ته ايبسوليوٽلي ناٽ“ اسان جو انڊيا،چين، نيپال سان ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي، پاڪستان ۾ ڪنهن به اهل تشيع، سني، پنجابي،پٺاڻ جو خون نه وهڻ گهرجي، هن چيو ته مان قسم کڻي چوان ٿي ته عمران خان کان معافي ورتي پئي وڃي پر خان چوي ٿو ته اسان جي ڪارڪنن کي جيلن مان ٻاهر ڪڍو،اسان جي ٻچن، عورتن کي ٻن سالن کان ڪير ماري رهيو آهي؟ ظل شاهه، صحافي ارشد شريف کي ڪنهن ماريو اهي ئي معافي وٺي رهيا آهن، ان کانپوءِ ئي ٽرٿ ري ڪنسليشن قائم ٿيندي، پاڪستان جا سمورا ادارا معزز آهن، اهي منهنجي ٽيڪس جي پئسن سان هلن ٿا، انڊيا،اسرائيل ته اهو ئي چاهين ٿا ته اسان جا ادارا ويهي رهن پر ان جو بنياد معافي هوندو، ٻيهر چوريون شروع نه ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته مينڊيٽ چوري ڪرڻ تي پاڪستان جي ماڻهن کان معافي وٺڻ گهرجي،آمريڪا پاڪستانين کي ويڙهائي رهيو آهي، مان ڪڏهن به ان سفارتخاني جو نالو نه کڻندس جنهن مون کي گهرائي چيو ته عمران خان جو ساٿ ڇڏي ڏيو،اهو رابطو فيبروري 2022ع ۾ ڪيو ويو هو، اهو به چيو ويو ته يا بلاول ،فضل الرحمان يا مريم نواز جي پارٽي ۾ شامل ٿيو، مون اها ڳالهه عمران خان، عمر ايوب،پرويز خٽڪ کي ٻڌائي هئي، اسان جي اڪثر ايم اين ايز سان ان سفارتخاني رابطو ڪيو پر گهڻا چپ رهيا ڇو ته انهن جا ٻار ٻاهرين ملڪ رهن ٿا،هن چيو ته مقامي سطح تي رابطن ۾ پئسن ۽ وزارتن جي آڇ ڪئي وئي، اها اسان جي ملڪ جي بدنامي هوندي ته پرائي ملڪ جو معمولي آفيسر مون کي چئي ته هي ڪريو هي نه ڪريو،هن واضح ڪيو ته اهو سفارتخانو آمريڪي نه پر اولهه جو هو