قومي اسيمبلي ۾ نون چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري،نعرن جي گونج،ايوان مڇي مارڪيٽ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پاڪستان جي  16هين قومي  اسيمبلي جي اجلاس ۾ 302 نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن حلف کڻي ورتو، حلف بعد  پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ سني  اتحاد  پاران هڪ ٻئي خلاف  سخت نعريبازي ڪئي وئي، اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي  بار بار روڪڻ  بعد ميمبر نعريبازي ڪندا رهيا، جنهن ايوان مڇي مارڪيٽ جو ڏيک  ڏيندو رهيو، قومي اسيمبلي جو اجلاس سوا ڪلاڪ دير  سان شروع ٿيو، پاڪ ڪتاب جي تلاوت بعد  نعت شريف  پڙهيو ويو، جنهن  بعد نون ميمبرن حلف کنيو،  اسپيڪر راجا پرويز اشرف ميمبرن کي حلف کڻايو، جنهن  بعد سمورن ميمبرن رول آف ميمبرس تي صحيح ڪيون،حلف کڻندڙن ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،شهبازشريف، مولانا فضل الرحمان، خورشيد شاهه، سردار اياز صادق ۽ ٻيا چونڊيل ميمبر شامل آهن،  حلف کڻڻ کان پوءِ ن ليگ  ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن پاران هڪ ٻئي خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي.ان دوران ن ليگ  ميمبرن پنهنجي  قائد جي ڊيسڪ سامهون  گهيرو ٺاهي ورتو ۽ نواز شريف جي ڪرسي طرف گڏ ٿي نعريبازي  ڪندا رهيا. راجا پرويز اشرف جي هر هر هدايتن باوجود ميمبر چپ نه  ويٺا، اسپيڪر قومي  اسيمبلي جو چوڻ هو ته اسپيڪر ۽ڊپٽي اسپيڪر جي اليڪشن وڙهندڙ ميمبر پنهنجي  اوٿ تي صحيح ڪن، اجلاس دوران عليم خان صحيح ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو ته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن  لوٽو لوٽو جا نعرا هنيا، عامر ڊوگر صحيح ڪرڻ بعد قيدي نمبر 804 جا نعرا لڳايا، ان موقعي تي جمشيد دستي به نعريبازي ڪندو رهيو.پ پ شريڪ چيئرمين آصف  علي زرداري پاران رول آف ميمبرس تي صحيح جي موقعي تي آصفه ڀٽو زرداري پاران نعريبازي ڪئي وئي، گذريل ڏينهن اڳوڻي صدر  ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف  علي زردري رول آف ميمبرس تي صحيح ڪيون، ان دوران آصفه ڀٽو زرداري “اگلي باري فر زرداري” جا نعرا هڻندي رهي. بلاول ڀٽو زرداري رول آف ميمبر تي صحيح ڪيون ته ان وقت جيئي ڀٽو جا نعرا گونجندار رهندا، آصفه ڀٽو نعرو لڳايو بي بي ڪا بيٽا زندهه آباد، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي ميمبرن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پنهنجي قائد ميان نوازشريف جي چوڌاري گهيرو ٺاهيو ۽  شير آيا شير آيا جا نعرا هنيا، ان موقعي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ۽ اڳوڻو وفاقي وزير اسحاق ڊار وزيٽر گيلري ۾ موجود هئا،مريم نواز به نعرا هڻائيندي رهي،اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي آمد تي پي ٽي آءِ ميمبرن نعرا هنيا ته ”ديکو ديکو ڪون آيا، چور آيا چور آيا،،قومي اسيمبلي جو هال 10 منٽن تائين انهن ئي نعرن سان گونجندو رهيو،  حلف کانپوءِ پي ٽي آءِ حمايت يافته اسيمبلي ميمبرن اسپيڪر ڊائيس جو گهيرو ڪري احتجاج ڪيو ته سندن مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، نوازشريف جڏهن صحيح ڪرڻ لاءِ اسپيڪر ڊائيس ويجهو پهتو ته تڏهن به سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن”چور چور“ جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا،ان صورتحال کي ڏسندي ليگي ميمبرن به عمران خان خلاف نعري بازي شروع ڪري ڇڏي ۽”گهڙي چور“ جا نعرا هنيا،نوازشريف صحيح کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان هٿ ملايو جڏهن ته هن مولانا فضل الرحمان،محمود خان اچڪزئي ۽ اختر مينگل سان هٿ نه ملايو، ان جي ابتڙ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو اپوزيشن بئنچن تي وڃي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي،مولانا فضل الرحمان ايوان ۾ موجود پي ٽي آءِ حامي ميمبر داوڙ ڪنڊي کي ڳلي لڳايو جنهن عام چونڊن ۾ سندسن پٽ اسعد محمود کي شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ان نعري ” ڪير بچائيندو پاڪستان“ جي جواب ۾ ڪجهه عمران خان ۽ ڪجهه نوازشريف جو نالو کنيو، سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر قيدي نمبر 804 جي حق ۾ به نعرا هڻندا رهيا، اجلاس دوران ن ليگ جي خواجا آصف اعتراض واري نڪتي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن ”چور چور“ جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا ته خواجا آصف پنهنجي هٿ سان پنهنجي گهڙي لاهي لوڏڻ شروع ڪئي ته سندس پارٽي جي ميمبرن” گهڙي چور گهڙي چور “ جا نعرا لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا،بئريسٽر گوهر پوائنٽ آف آرڊر تي چيو ته عوام غلامي نامنظور جي آواز تي لبيڪ ڪيو، اسان کي چونڊ مهم ۽ ريلين کان روڪيو ويو،هي اسيمبلي اڻ مڪمل آهي، عوامي مينڊيٽ مطابق اسان جو انگ 186 ميمبر آهي، اسان جي کاٻي پاسي ويٺل ماڻهو اجنبي آهن،مخصوص سيٽون ملڻ تائين هي ايوان اڻ مڪمل آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.