اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي 3 مارچ آچر تي وزيراعظم جي چونڊ ڪندي.قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ وزيراعظم جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب وزيراعظم جي چونڊ آچر 3 مارچ تي ٿيندي.وزيراعظم لاءِ نامزدگي ڪاغذ 2 مارچ تي منجهند 2 وڳي تائين وصول ڪيا ويندا، جنهن بعد نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 3 وڳي تائين ٿيندي.واضح رهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ اتحادين وزيراعظم جي عهدي لاءِ شهباز شريف ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عمر ايوب جي نالي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.