عمران خان آءِ ايم ايف کي خط لکي ملڪ دشمني ڪئي: نواز شريف

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف پي ٽي آءِ جي باني عمران خان طرفان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خط لکڻ  کي ملڪ دشمني قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته هو(عمران) ئي اهڙو خط لکي سگهي ٿو، اهو سندس ڪم رهيوآهي، ٻي ڪا سياسي پارٽي اهڙو خط نٿي لکي سگهي. هو ترقي نه ٿو چاهي.ان کانسواءِ مسلم ليگ ن جي صدر ۽ نامزد وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني آءِ ايم ايف کي خط لکي چيو آهي ته پاڪستان سان ڪو به نئون پروگرام نه ڪيو وڃي هو چاهي ٿو ته ملڪ تباهه ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.