اصل جنگ هاڻي شروع،ڪارروائي ڪندڙ اداري جو نالو کڻنداسين: شير افضل

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته پراڻيون روايتون ختم ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن مريم نواز خلاف غير  قانوني ڪارروائي ڪئي وئي ته سڀ کان پهريان آواز اٿاريندس.پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حلف برداري کان اڳ اسان قانون جي ڀڃڪڙي خلاف آواز اٿاريو، اها شروعات آهي، اڳتي هلي وڌيڪ احتجاج ڪنداسين.هن چيو ته هر ناانصافي جو بدلو وٺنداسين، هاڻي اهو وقت ناهي جو توهان ماڻهو کنڀيو  ۽عوام خاموش رهي،جيڪو به ادارو اسان خلاف ڪارروائي ڪندو اسان نالو کڻي ڳالهائينداسين هن چيو ته اسان ان ڏينهن جو انتظار ڪري رهيا هئاسين جنهن ڏينهن اسان ايوان ۾ وڃون، توهان اسان کي 9 مئي جو دهشتگرد سڏيو، عوام ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان کٽرايو، هن وقت سڄو انصاف جو نظام داءُ تي لڳل آهي.شير افضل مروت چيو ته اسان جي اصل جنگ اڄ کان شروع ٿي وئي آهي، بيگناهه اغوا ۽ ناانصافين تي خاموش نه ويهنداسين، هاڻي اهڙن ماڻهن خلاف سمورين اسيمبلين ۾ احتجاج ڪنداسين. بغير وارنٽ جي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ بند ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.