يوسف رضا گيلاني سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سينيٽ جي سيٽ تان هٿ کڻي ويو، پ پ اڳواڻ  يوسف رضا گيلاني سينيٽ جي سيٽ تان پنهنجي استعيفيٰ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي پيش ڪري ڇڏي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي يوسف رضا گيلاني جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو،  پ پ اڳواڻ قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت ۾ حلف کڻي ورتو آهي، پيلزپارٽي گيلاني کي سينيٽ چيئرمين جو اميدوار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.