ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.
ڪراچي جي علائقي ڊي ايڇ اي، ڪلفٽن، گذري، صدر، سرجاني ٽائون، مواڇ ڳوٺ، لياقت آباد، شاهراهه فيصل ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.
نصيرآباد، لعلو رائنڪ، وڳڻ، گاجي کهاوڙ ، سجاو جوڻيجو ۽ ڀرپاسي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز ھوا سان گڏ برسات سبب ماڻھو گھر تائين محدود ٿي ويا ۽ جڏهن ته ٿڌ به وڌي وئي آهي.
برسات ۽ تيز هوا سبب ڪڻڪ، سرنھن ۽ ٻئي فصل کي نقصان جو خدشو آھي.
برسات سبب مختلف شهرن ۾ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.
You might also like