ملڪ ھن وقت گھڻي ڏکي صورتحال مان گذري رھيو آھي.ھڪڙي پاسي 8 فيبروري وارين چونڊن ۾ ڌانڌلين جو گوڙ آھي تھ ٻئي پاسي پي ٽي آءِ،عالمي اداري آءِ ايم ايف کي خط پڻ لکي ڇڏيو آھي.جنھن ۾ ٿيل چونڊن ۾ ڌانڌلي جي آڊٽ سان امداد کي مشروط بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.ان دوران ئي خميس واري ڏينھن قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن حلف تھ کنيو پر ملڪ جي ھن وڏي ايوان ۾ پھرين ڏينھن ئي اھو مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳو.جيڪو ڪنھن بھ ريت سٺو سونئڻ نٿو قرار ڏئي سگھجي.
پاڪستان تحريڪ انصاف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي لکيل خط ۾ مطالبو ڪيو آهي ته مالياتي ادارو 2 هفتن اندر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 30 سيڪڙو سيٽن جي آڊٽ کي يقيني بڻائي، مالي امداد ڏيڻ کان اڳ گڊ گورننس کي يقيني بڻايو وڃي.ذڪر ڪيل خط پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ترجمان رئوف حسن پاران آءِ ايم ايف، جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي لکيو ويو آهي. جنهن جي متن موجب اهو خط پي ٽي آءِ باني عمران خان جي هدايتن تي آءِ ايم ايف کي موڪليو پيو وڃي.خط ذريعي آءِ ايم ايف کي چيو ويو آھي تھ غيرسرڪاري ادارن فافن ۽ پتن جي عام چونڊن واري طريقيڪار موجب آڊٽ ڪرائي وڃي.
پاڪستان جي معاشي صورتحال سبب گھڻي وقت کان ان لاءِ عالمي اداري کان قرض وصول ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي.جڏھن تھ ان سان ملڪ جي ھر فرد تي قرض جو بار وڌي رھيو آھي،پر ڪنھن بھ سياسي اڳواڻ ان قرض کي لاھڻ جي ڪا بھ رٿابندي نھ ڪئي آھي.ايترو ضرور ٿيو آھي تھ ماضي ۾ ڪن اڳواڻن ان اداري اڳيان ھٿ نھ ڊگھيرڻ جو اعلان ڪيو آھي پر اھو سکڻو اعلان ئي رھيو آھي.ملڪ جي فوجي يا سول ھر حڪومت اھو قرض ورتو آھي.ھاڻي پڻ ملڪ جي معاشي صورتحال مان اھو ئي لڳي ٿو تھ اھو قرض ھر صورت حاصل ڪرڻو پوندو.
پاڪستان تحريڪ انصاف سياست جي ميدان ۾ عجب جھڙا فيصلا ڪندي رھندي آھي،جنھن ڪري گذريل ڪافي سالن کان صورتحال گھڻي ڳڻتي واري رھي آھي.پر ھڪ اھڙي جماعت جنھن جو اڳواڻ ھاڻوڪي چونڊ حقيقي آزاديءَ واري نعري تي کٽي ھجي.ان پاران عالمي اداري کان اھڙي مطالبي ڪرڻ جو مطلب پنھنجي پارٽي جي اڳوڻي بيانئي کي دفن ڪرڻ برابر آھي.اڳي اھو چيو ويندو ھو تھ مفادن کي سياست جو نالو ڏنو وڃي ٿو پر ھاڻي تھ ھڪ اڳواڻ پاران ان جي ھر ڳالھھ يا حڪم کي سياست سمجھيو وڃي ٿو،جتي اصول ۽ اخلاقيات جو ڪو ڪم ئي نظر نٿو اچي.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آءِ ايم ايف جهڙو عالمي مالياتي ادارو ڪهڙي بنياد تي ڪنهن ملڪ جي سياسي اڳواڻ يا پارٽيءَ سان چونڊن جي شفافيت جو واعدو ڪري سگهي ٿو؟ ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن آءِ ايم ايف شهباز حڪومت سان ڳالهيون شروع ڪيون ته تحريڪ انصاف جي سياسي حيثيت کي نظر ۾ رکندي ان کان به راءِ ورتي وئي. بهرحال اها اعتبار جوڳي ڳالھه نٿي لڳي تھ آءِ ايم ايف شفاف چونڊن جو واعدو ڪيو هو. جنهن کانپوءِ عمران خان امدادي پروگرام جي ’اجازت‘ ڏني هئي. هاڻي اهو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ خط لکيو ويو هو. اهو چوڻ بھ غلط آھي ته خط پاڪستان جي مالي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي ارادي سان نه لکيو ويو هو. تحريڪ انصاف آءِ ايم ايف کان سواءِ ٻيو ڇا گهرندي ته هي ادارو چونڊ ڌانڌلي تي پنهنجو موقف قبول ڪندي مستقبل جي ڪنهن به حڪومت سان ڪو به معاهدو نه ڪري.
پاڪستان جي معيشت کي تباهه ڪرڻ لاءِ ان کان وڏو ڌڪ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن آءِ ايم ايف چونڊن جي حوالي سان تحريڪ انصاف سان ڪو ’معاهدو‘ ڪري ها ته ان کي هٿي ڏيڻ ۽ سياسي غلط بياني جو رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ ان معاهدي کي عام ڪيو وڃي ها جيئن پاڪستان جي عوام کي پڻ پتو پوي ها. ڇا غير ملڪي تنظيمون سياسي پارٽين سان ڊيل ڪن ٿيون؟
تحريڪ انصاف جي اها دعويٰ سندس خواب وانگر بي بنياد لڳي ٿي ته هن قومي اسيمبلي ۾ ٻه سئو سيٽون حاصل ڪيون آهن. جيڪڏهن عوامي نمائندگي جو حق خواهشن جي بنياد تي ڏنو وڃي ته پوءِ هر پارٽي پنهنجي الڳ اسيمبلي ٺاهي ۽ ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي.
چونڊ ڌانڌلي جي نوعيت، حد يا نتيجن تي اثر جو اندازو ٻن طريقن سان لڳائي سگهجي ٿو. هڪ ته تحريڪ انصاف ۽ ٻيون متاثر پارٽيون پنهنجا ڪيس عدالتن ۾ کڻي وڃن ۽ هر تڪ ۾ پنهنجي دعويٰ موجب اھو کٽي وٺن.
اهو سڀ کان وڌيڪ اثرائتو ۽ شفاف طريقو هوندو. جيڪي ماڻهو شفاف چونڊون گهرن ٿا، انهن کي پنهنجي عمل ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايتري شفافيت ضرور ڏيکارڻ گهرجي. ٻيو رستو ملڪ جي نئين حڪومت لاءِ اهو آهي ته هو 8 فيبروري جي چونڊن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ جاچ ۽ عدالتي ڪميشن جوڙي ۽ رپورٽ پيش ڪري.
ياد رهي ته 2018ع جي چونڊن بابت سخت تحفظات ۽ الزامن باوجود عمران خان جي حڪومت عدالتي جاچ جو بندوبست ناهي ڪيو.جيڪڏھن ڪو اصول جوڙبو تھ اھو ھڪ ئي وقت سڀني تي لاڳو ٿيندو. ان ۾ ڪنھن اٽڪل بازي سان معاملن کي اينگھائي تھ سگھجي ٿو پر ان جو مجموعي طور تي ملڪ ۽ عوام کي نقصان ٿيندو.
نواز شريف جي حڪومت 2013ع جي چونڊن ۾ عدالتي جاچ ڪرائي هئي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي ڌانڌلي جي دعوائن جي تصديق نه ٿي سگهي هئي.
ڌانڌلي عوام کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ جو ھڪ نعرو ٿي سگھي ٿو.انڪري سياسي پارٽيون ڊيٽا، حقيقتن ۽ مناسب فورمن تي بحث ڪرڻ بدران نوان نعرا هڻي ابتدا ۾ ئي ملڪي سياست جو گرمي پد وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.
ھر دعويٰ ڪا مڃيل حقيقت نٿي ٿي سگھي ان ڪري ان جي جاچ جي لاءِ جيڪي بھ طور طريقا ۽ فورم آھن، انھن کي استعمال ڪرڻ بعد ان جي درست ھئڻ يا نھ ھئڻ تي ڳالھائي سگھجي ٿو.
ملڪ جي سياست نعرن ۾ وچڙائي وئي آھي، پر جيڪڏھن حقيقي طور تي ڪنھن کي عوام جي اھنجن ۽ ڏکن سورن جو احساس آھي تھ پوءِ ان لاءِ سسٽم کي بھتر ڪرڻ لاءِ اڳيان اچن. جيڪي مطالبا،گھرون ۽ نعرا ھنيا پيا وڃن ان سان ته سسٽم کي ڊاھڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي.