جهيڙن جي ور چڙهيل سنڌ

تحرير؛ خليل احمد گبول

سنڌ جي ڌرتي هر دور ۾ پيار,محبت ۽ امن جي ڌرتي رهي آهي گذريل ڪجهه عرصي کان وٺي سنڌ قبيلائي تڪرارن جي باھ ۾ سڙي رهي آهي. اهي تڪرار هاڻ سنڌ لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن انهن تڪرارن جي ڪري سنڌ معاشي ۽ تعليمي طور تمام پوئتي رهجي وئي آهي.

جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور ضلعا قبيلائي تڪرارن جي باھ جي لپيٽ ۾ هئا ۽ آهن جنهن ۾ سکر جي سينيئر صحافي جان محمد مهر سميت ڪيتريون جانيون بيگناھ سڙي ڀسم ٿي ويون ۽ ٿي رهيون آهن.

شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد کان پوءِ هاڻ انهن تڪرارن سکر ۽ گهوٽڪي جو رخ ڪري انهن ضلعن کي به پنهنجي لپيٽ هيٺ آڻي ڇڏيو آهي گذريل ڪجهه ئي عرصي کان سکر ۽ گهوٽڪي ضلعا بدامني ۽ قبيلائي جهيڙن جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن وحشي ۽ جاهل ماڻهو پنهنجي اندر جي باھ کي اجهائڻ لاءِ ٻين ڪيترن ئي ويڙهن کي ويران ڪرڻ ۾ دير ئي ناهن ڪندا.

اهڙي ريت سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ به خوني تڪرارن ڪر کنيو آهي.

سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ هن وقت گهوٽا ڀيري تڪرار, ساوند سندراڻي تڪرار، مهر جتوئي تڪرار ۽ ٻيا تڪرار هلندڙ آهن.

ڀيري گهوٽا تڪرار ۾ ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن, ساوند سندراڻي تڪرار ۾ به ٻنهي جهيڙيندڙ ڌرين جا درجنين ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن ۽ هاڻ تازو شروع ٿيل مهر جتوئي خوني تڪرار تان ٻنهي جهيڙيندڙ ڌرين جديد هٿيارن سان هڪٻئي مٿان سڌيون گوليون هلايون جنهن سبب هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 7 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

اهڙي ريت ننڍين ننڍين ڳالهين تي شروع ٿيندڙ خوني جهيڙن سوين جانيون کسي ورتيون آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي.

خوني ويڙھ رڪجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن ان ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي.

غريب ماڻهو جيڪي اڳئي پنهنجي  روزي لاءِ تنگ هوندا آهن انهن جو جيئڻ ته جنجال بڻجي چڪو آهي. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ”آڻين ۽ چاڙهين“ وارن جا ٻچا بکو ڪاٽي رهيا آهن ۽ ماڻهو پنهنجي ئي گهرن ۾ قيدي ٿي رهجي ويا آهن.

جهيڙا جيڪي لاشن جا سفر هوندا آهن لاشن جي اهڙي سفر تي انتظاميه کان وٺي انهن ڌرين جا سردار ٺاھ جي حوالي سان ڪي خاص اپاءُ ڪو نه وٺي رهيا آهن ۽ انهن جا اڻڄاڻ ماڻهو علمي جهالت ۽ پنهنجي اڻڄاڻي جي ڪري ماٺ ماٺ ۾ ظالمن جي گولين جو کاڄ ٿيندا رهن ٿا.

گهوٽڪي ضلعو صنعتي حوالي سان هڪ ترقي يافته ضلعو آهي پر انهن صنعتن ۾ به مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. هڪ سازش ۽ منصوبي تحت گهوٽڪي ضلعي جي ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهايو پيو وڃي ته جيئن ماڻهو پنهنجي حقن جي لاءِ گڏ ٿي ڪو آواز نه اٿارين. هوڏانهن ماڻهو لاش وصول ڪري ڪري قبيلائي جهيڙن کان بيزار ٿي چڪا آهن.

هاڻ ماڻهن کي رت وهائڻ کان ڪراهت محسوس ٿئي ٿي. ماڻهو قبيلائي تڪرارن ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن.

انهي پس منظر/حوالي سان قبيلائي/خوني تڪرارن تي لکيل مشتاق گبول جو نظم ”انڪار“ ياد ٿو اچي ته:

جهيڙا، واري جو سفر ته ناهن هوندا!

لاش جو سفر هوندا آهن.

جيڪو هاڻ اسان کان نٿو پڃي،

ماڻهو نيٺ ڪيستائين ۽

ڪيترا لاش کڻي.

ان لاءِ موت جي ڪناري تي بيهي،

مان انڪار ڪيان ٿو.

اهڙي جيئڻ کان،

جيڪا موت کان به بدتر آهي.

گهوٽڪي ۽ سکر ضلعي جو عوام,سياسي سماجي ۽ ادبي حلقا هاڻ پنهنجي ضلعن ۾ امن ڏسڻ چاهن ٿا, ڇو ته امن جي ذريعي ئي ڪنهن به قوم ۽ ملڪ جي ترقي جون  نيون راهون کلنديون آهن.

جڏهن ڪنهن به قوم ۽ ملڪ جي ترقي جون راهون کلنديون آهن ان قوم ۽ ملڪ جا ماڻهو معاشي حوالي سان به سگهارا ٿي ويندا آهن ۽ شعور جي لحاظ کان به پڪا پختا ٿي ويندا آهن.

هاڻ سڄي سنڌ سان گڏ گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن ۾ به ضرورت ان ڳالهھ جي آهي ته ماڻهو پنهنجي ترقي جون راهون پاڻ پنهنجي ڪوشش ۽ جدوجهدن ذريعي تلاش ڪري انهن جهالت جهڙين رسمن  جو خاتمو آڻي.

قبيلائي تڪرار به جهالت جي هڪ واضع جهلڪ آهن.

گهوٽڪي ضلعو صنعتي حوالي سان هڪ ترقي يافته ضلعو آهي پر انهن صنعتن ۾ به مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. هڪ سازش ۽ منصوبي تحت گهوٽڪي ضلعي جي ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهايو پيو وڃي ته جيئن ماڻهو پنهنجي حقن جي لاءِ گڏ ٿي ڪو آواز نه اٿارين. هوڏانهن ماڻهو لاش وصول ڪري ڪري قبيلائي جهيڙن کان بيزار ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.