ان حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگھي تھ ھاڻوڪي دنيا تيزرفتاري سان تبديل ٿي رھي آھي.تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ جديد مواصلاتي نظام،ٽيڪنالوجي ۽ برق رفتاري سان اطلاعن جي فراھمي دنيا کي گلوبل وليج يعني ھڪ اھڙي ڳوٺ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ۾ ڪنھن بھ واقعي جي معلومات اک ڇنڀ ۾ ھر ھنڌ پھچي وڃي ٿي.
8 فيبروي شام جو انٽرنيٽ جي بندش ۽ رات جو 11 وڳي بعد چونڊ نتيجن جي جاري رھڻ وارو معاملو اوچتو رڪجي ويو. جنھن سان دنيا ۾ ھلچل مچي وئي ۽ ھر طرف ڌانڌلي ڌانڌلي و گوڙ ٿيڻ شروع ٿي ويو.سڄي دنيا جي نمائندن ان جو نوٽيس ورتو.پنھنجي پنھنجي ميڊيا ادارن ۽ حڪومتن کي ان جي رپورٽ فوري طور پھچائي ڇڏي.جنھن سان سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ ڌانڌلي جي خبرن جو سلسلو شروع ٿي ويو،جيڪو اڃان تائين جاري آھي.
آمريڪا، اولهھ جي ملڪن ۽ گڏيل قومن پڻ ڌانڌلي تي ڳڻتي ظاھر ڪئي.ڌانڌلي گھڻي تڻي فارم45 جي ذريعي وائکي ٿي.اھو فارم سمورن ھارائيندڙ جماعتن وٽ ھئا.جنھن تي لاڳاپيل پريزائيڊنگ آفيسر جي صحيح ۽ ان جي آڱوٺي جا نشان ھئا.جڏھن تھ جن سيٽن تي ھارائڻ تي ڌانڌلي جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي.اتي کٽندڙ اميدوار پنھنجو فارم 45 ظاھر نھ ڪري سگھيا،نھ ئي اليڪشن ڪميشن مقرر مدي گذرڻ باوجود فارم 45 اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽس تي لوڊ ڪيا آھن.جڏھن تھ قانوني طور تي اھو ڪم 14 ڏينھن جي مدي تائين ھر صورت ۾ مڪمل ڪرڻو ھوندو آھي.
حيرت ان تي آھي تھ ان ڳالھه جو ڪنھن کي ڇو احساس نھ ھو تھ دور حاضر ۾ اھڙي طرح جي قدمن جو ڪيترو نقصان ٿيندو.ملڪ جي ڪيتري بدنامي ٿيندي؟ پاڪستان جي ساک ڪيتري مجروح ٿيندي؟ پاڪستان جي اعليٰ عھديدارن کي ڪھڙي نظر سان ڏٺو ويندو. اھڙي طرح جي تحقيقاتي خبرن ۽ رپورٽس جي ڪري بي ايماني ۽ فراڊ جو داغ اسين ڪئين ڌوئنداسين.اسان جو جيڪو بھ وفد ٻاھر ويندو.ان کي ڪھڙي نظر سان ڏٺو ويندو.جيڪڏھن حقيقي نتيجن جو اعلان ٿي بھ وڃي ھا تھ ڪھڙي قيامت اچي وڃي ھا.نوازشريف اعلان ڪري ھا تھ اسان شڪست تسليم ڪري ورتي آھي.تھ ان ۾ ھن جي قدر ۽ ظرف ۾ ڪيترو نھ اضافو ٿئي ھا.ان کي غور ڪرڻ گھرجي تھ پنھنجي نياڻيءَ کي جنھن طريقي سان اقتدار ڏياريو آھي.اھو ھن جي مستقبل جي لاءِ فائديمند آھي يا نقصانڪار آھي.اھڙي طرح بلاول اھو اعلان ڪري ھا تھ جمھوريت جي رت ۾ رڱيل ايوان ۾ ھو نھ ويھندو،فيصلو انصاف جو ٿيڻ گھرجي.چاھي ان سان ڪنھن جون بھ سيٽون گھٽجي وڃن، تھ ان سان بلاول پنھنجي ساک کي اڃان بھ بلند ڪري ملڪ ۾ پنھنجي بھتر مستقبل جو بنياد رکي سگھي ھا.پر شھبازشريف جي حمايت ڪري ھن جنھن اونداھي رستي جي چونڊ ڪئي آھي. ان ۾ روشني جي پري پري تائين اميد نھ آھي.چونڊ مھم ۾ ھن جيڪو موقف اختيار ڪيو ھو،ان کان پٺتي ھٽي ڪري ڪھڙي طرح پنھنجي ساک بحال ڪندو.جيتري ھو وضاحت ڪندو ايترو ئي ھن لاءِ مشڪلات وڌندي،حقيقي نتيجن جي اعلان سان پي ٽي آءِ،کي فورن ٻئي ڏينھن حڪومت نھ ملي ھا.ان دوران گھڻو ڪجھه طئھ ٿي سگھي ھا،پر پاڪستان جي ادارن جي اھڙي طرح سان رسوائي نھ ٿئي ھا.ڪجھه جلوس نڪرن ھا سڀ پنھنجا معاملا طئھ ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ھا.پر ھاڻي وڌيڪ ھيراڦيري ڪرڻ سان جيڪوطوفان جنم وٺندو. اسان جي خطي جي حالتن سبب شايد ان کي دنيا جون وڏيون طاقتون بھ نھ روڪي سگھنديون.وقت طور قابو پاتو بھ ويو تھ پڻ اھو اندر ئي اندر طوفان بڻجي وڌيڪ تباھي آڻيندو.ان جو واحد حل آئين،جمھوريت ۽ انصاف جو رستو آھي.ان سان ئي ان خطري جو مقابلو ڪري سگھجي ٿو.
پاڪستان جون تازيون چونڊون ھڪ اھڙو مقابلو ھو،جنھن ۾ ھڪ پاسي مسلم ليگ ن،پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي سموريون سھولتون ۽ سرڪاري سرپرستي حاصل ھئي،جڏھن تھ سامھون مقابلو ڪندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف کي عملي طور چونڊ عمل کان ٻاھر ڪيو ويو ھو.يعني ان وٽ ان جو چونڊ نشان بھ نھ ھو.جنھن جو فيصلو پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ڪيو ھو.انھن چونڊن ۾ ھڪ پھلوان يعني تحريڪ انصاف جا ھٿ ٻڌا ويا ھئا.ٻئي پاسي ٻين پھلوانن مسلم ليگ ن،پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي ھر طرح جي آزادي ھئي.ريفري بھ انھن سان گڏ ھو.مقابلي ۾ پھرين ئي وار ۾ ھٿ پير ٻڌل پھلوان سامھون مقابلو ڪندڙ تي برتري حاصل ڪري ورتي ۽ ھڪ پھلوان آکاڙي ۾ ڪري پيو،سڀئي حيران ھئا تھ اھو ڇا ٿيو،ريفري مقابلو روڪي ڪري ڪريل پھلوان کي مشڪل سان اٿاريو ۽ ٻنھي پھلوانن کي پاڻ ۾ ھڪ ڪري ھٿ پير ٻڌل پھلوان جي مقابلي ۾ ڪامياب قرار ڏئي ٽرافي ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
ھاڻي ان جي تقريب جي تياري ڪئي پئي وڃي.مسئلو ھي آھي تھ 8 فيبروري تي ٿيل تماشي کي سڄي دنيا ڏسي رھي ھئي،ھر ھنڌ گوڙ برپا ٿي رھيو آھي تھ ڌانڌلي ٿي آھي،بي ايماني ٿي آھي، اولهھ جي دنيا اھڙي قسم جي چونڊن کي اليڪشن فراڊ جو نالو ڏئي ٿي.ھاڻي چيو پيو وڃي تھ ان قصي کي وساريو وڃي ۽ اڳيان وڌجي.جئين ماضي ۾ ٿيندو آيو ھو، ائين ھاڻي ان ڪري ممڪن نھ آھي جو ھاڻي اسين ھڪ تبديل ٿيل دنيا ۾ رھون پيا،جتي انفارميشن ٽيڪنالوجي بنا گذارو نھ آھي.ڪو بھ ملڪ تنھائي ۾ ترقي نٿو ڪري سگھي،ملڪن جو ھڪ ٻئي تي ڀاڙڻ جو سلسلو وڌي ويو آھي.اڄ پاڪستان مان ويندڙ سامان يورپ ۽ آمريڪا جي منڊين ۾ وڪرو ٿئي ٿو،جنھن جي ڪري ملڪ ۾ ڊالر اچن ٿا.جڏھن انھن ملڪن ۾ اھو اطلاع ڏنو وڃي ٿو تھ پاڪستان ۾ انٽرنيٽ بند ٿي ويو آھي تھ ان جا منفي اثر پوندا. پاڪستان ۾ ڪيترن ڏينھن کان ٽوئيٽر (ايڪس) بند آھي، ممتاز صحافي عمران رياض جيڪو ڪجھھ عرصو اڳ چار مھينا غائب رهڻ بعد منظر عام تي آيو ھو ۽ ھو ڳالھائڻ ۾ گھڻي تڪليف محسوس ڪري رھيو ھو،ھاڻي ھو درست ٿيڻ بعد ٻيھر پنھنجو ڪم ڪرڻ لڳو ھو، تھ ان کي گرفتار ڪيو ويو آھي.
اھڙي ريت ھڪ ٻئي صحافي اسد طور پڻ گرفتار ٿي ويو آھي، جنھن سان صحافين ۾ پڻ بيچيني پکڙجي وئي آھي،جنھن ان عالمي سطح تي وڌيڪ منفي اثر پوندا.تازو ئي چونڊن جي ڌانڌلي جي خلاف ھڪ ملڪي سطح ڪنوينشن جو اھتمام ڪيو ويو،جنھن ۾شامل مختلف جماعتن مطالبو ڪيو تھ جنھن جو جيڪو حق آھي اھو کيس ڏنو وڃي.ٻي صورت ۾ ملڪ ۾ افراتفري جي ڪيفيت پئدا ٿيندي.جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ ھو تھ سوويت يونين وٽ وڏي طاقتور فوج ھئي،پر عوام سان گڏ نھ ھو،ان ڪري اھو ملڪ قائم نھ رھي سگھيو.ھن وقت ضروري آھي تھ ملڪ کي جمھوريت جي پٽڙي تان نھ لھڻ ڏنو وڃي.انصاف ڀرين نتيجن جو اعلان ڪيو وڃي.انصاف کانسواءِ ملڪن جو ھلڻ مشڪل ٿي ويندو آھي.پاڪستان تحريڪ انصاف خيبر پختونخواھ ملي عوامي پارٽي سان رابطو ڪري ورتوآھي. اھڙي طرح ھو ملڪ جي ننڍن وڏن سمورن سياسي گروپن سان رابطو ڪري انھن کي ڌانڌلين جي خلاف تحريڪ تي آمادھ ڪري رھي آھي.سنڌ ۾ گرانڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ ٻيون جماعتون اڳ ۾ ئي ھڪ اتحاد جوڙي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪري چڪيون آھن.ايندڙ ڏينھن ۾ اھو سلسلو وڌيڪ پکڙجي سگھي ٿو.ھي ڌانڌلي پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ جي لاءِ نقصان جو سبب بڻجي رھي آھي.