حقيقي جمهوريت ئي ملڪ کي بحران سان ڪڍي سگهي ٿي

تحرير؛ مجاهد چنا

جيتوڻيڪ سال2024ع دنيا جي اڌ آبادي جي نمائندگي ڪندڙ  ملڪن ۾ چونڊن جو سال آهي جنهن ۾ بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ پاڪستان سميت دنيا جا چاليهارو کن ملڪ شامل آهن. پاڪستان ۾ پڻ 08 فيبروري تي عام چونڊون ڪرايون ويون جيڪي ملڪي تاريخ جون سڀ کان وڌيڪ تڪراري ثابت ٿيون آهن، چونڊن ۾ ڌانڌلين، انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس بند ڪرڻ توڙي نتيجا دير سان ڏيڻ تي ملڪي توڙي پرڏيهي ميڊيا پڻ سوال اُٿاري ڇڏيا آهن ان باوجود ته 2024ع جون چونڊون پُرامن رهيون، پر تڪ بندين کان وٺي پولنگ اسڪيمن جي جوڙ جڪ، عملو غائب، بيلٽ باڪس چوري، ٺپا بازي ۽ سرِعام ڌانڌلين جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. چونڊن واري ڏينهن تي عدالتي حڪم باوجود انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس بند ۽ ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ نتيجا جاري ڪرڻ توڙي پهرين رات وڏي مارجن سان کٽيندڙ اُميدوارن کي ٻئي ڏينهن تي هارايل ظاهر ڪرڻ به چونڊن جي شفافيت تي وڏو سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي. پ پ ۽ (ن) ليگ کان سواءِ مڙني مخالف ڌُر جي پارٽين چونڊن ۾ بدترين ڌنڌليءَ ۽ ملڪ جي مستقبل تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. جماعت اسلامي توڙي پي ٽي آءِ سميت ڪيترن ئي جماعتن چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفى جي گهر پڻ ڪري ڇڏي آهي.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چونڊن جي حوالي سان چوڻ آهي ته “ بيلٽ کي بُلٽ ذريعي اغوا ڪيو ويو، پاڪستان اهو بدنصيب ملڪ آهي جتي حڪومتون پهرين ٺهي وينديون آهن ۽ چونڊون بعد ۾ ٿينديون آهن، جيڪڏهن اهڙي ئي چونڊ ڪرائڻي هئي ته پوءِ هر پارٽي جي سيٽن جو اعلان ڪيو وڃي ها ۽ قوم جا 50 ارب روپيا ڇو ضايع ڪيا ويا. جيڪي پارٽيون فراڊ اليڪشن ۽ آراوز ذريعي ٻين پارٽين جو مينڊيٽ چورائي گڏيل حڪومت جوڙڻ وڃي رهيون آهن انهن جي ڪابه ساک ناهي رهي، عوام جي ڀلائي جي لاءِ هنن وٽ ڪابه ايجنڊا ڪونه آهي بس وزارتون، صدر، اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين جا سڻڀا عهدا بند ڪمرن ۾ اقتدار جي ونڊ ورڇ ڪري عوام جي ووٽ نه بلڪه بوٽ کي عزت ڏئي هنن اهو ثابت ڪيو آهي ته عوامي اهنجن سان هنن کي ڪوبه واسطو ڪونه آهي.

سراج الحق ان عزم جو اظهار پڻ ڪيو ته اسان چونڊون هارايون آهن همت ناهي هاري. اڄ نه کڻي سڀاڻي ڪيسيتائين رستا روڪ ڪئي ويندي. جماعت اسلامي چونڊن کي ملڪ ۾ تبديلي جو واحد ذريعو سمجهي ٿي وري نئين عزم سان عوام وٽ پنهنجي دعوت کڻي وينداسين ۽ ان سان گڏ چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ ڪراچي سميت ملڪ ۾ جماعت اسلامي جي مينڊيٽ تي ڌاڙي خلاف هر فورم تي آواز اٿارينداسين، پر خاموش ڪڏهن به نه ويهنداسين.ياد رهي ته 26 فيبروري تي جماعت  اسلامي طرفان اسلام آباد ۾ جمهوريت بچايو ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

چونڊ ڌانڌلين جي حوالي سان صدرِ پاڪستان عارف علوي به خاموش رهي نه سگهيو سندس چوڻ هو ته قابل ماڻهن کي ملڪي سياست مان آئوٽ ڪيو پيو وڃي. مزي جي ڳالهه اها ته 2018ع ۾ ان جي پارٽيءَ کي قابل ماڻهن کي سياست مان ڪڍي اقتدار ۾ آندو ويو هو هاڻي وري ان جي قابل ماڻهن کي ڪڍيو پيو وڃي. بهرحال اهو عوام جو اختيار آهي ته هو پنهنجي ووٽ جي پرچي ذريعي ڪنهن کي سياست مان آئوٽ ڪن ۽ ڪنهن کي آڻين، پر جيتري قدر ملڪ ۾ غربت، مهانگائي، لاقانونيت ۽ 2 ڪروڙ 60 لک ٻارڙن جو تعليم کان محروم هجڻ آهي ان جي ذميواري قابل ذڪر ٽنهي پارٽين مٿان عائد ٿئي ٿي ڇو ته اهي اقتدار ۾ اچڻ باوجود عوام جي دردن جو درمان ڪونه ڪري سگهيا.

جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلين جي حوالي سان اهو انڪشاف ڪيو ته “ٻه اڍائي مهينا اڳ ۾ ئي چونڊون وڪامجي ويون هيون جيڪو ڪم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو نه ڪري سگهي اهو ڪم زرداري ڪيو آهي.” جي ڊي اي جي پليٽ فارم تحت جماعت اسلامي، جي يو آءِ، پي ٽي آءِ ۽ قوم پرست جماعتون گڏجي ڪري ڌانڌليءَ خلاف ۽ پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪيون آهن. ساڳيا خدشا جي يو آءِ سربراه مولانا فضل الرحمن، سردار اختر مينگل، محمود خان اچڪزئي ۽ پي ٽي آءِ قيادت ڪري چڪي آهي ۽ فراڊ اليڪشن خلاف عوامي ميدان سان گڏ قانوني ويڙهه وڙهڻ ۽ سولين بالادستي جي جنگ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.مولانا فضل الرحمان حڪومتي جوڙ جڪ ۾ پاڻ کي غيرجانبدار ڪندي مخالف بينچن تي ويهڻ جو علان ڪيو آهي.

ٻئي طرف وري ايڏي وڏي مانڌاڻ باوجود پ پ ۽ (ن) ليگ جيڪي هڪٻئي کي چور، ڪرپٽ، ملڪ دشمن، لاڏلو، روڊن تي گهلڻ ۽ مناظري جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا اڄ اقتدار جي ونڊ ورڇ ۾ مصروف آهن. مطلب ته هنن وڏين پارٽين جو دين، ايمان، نظريو، منشور سڀ ڪجهه هرحال ۾ فقط اقتدار حاصل ڪرڻ آهي. لڳي ائين ٿو ته پ پ، نواز ليگ  تاريخ مان ڪجهه به ناهي سکيو، اقتدار سندس مجبوري آهي، اُهي پارٽيون اقتدار کان اڳ جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جون ڳالهيون ڪنديون آهن، پر ڪم هميشه وري ان جي ابتڙ ڪن ٿيون.

ڪي دانشور ۽ تجزيه نگار وري پاڪستان ۾ به بنگلاديش ماڊل جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. مطلب ته مُخالف ڌُر کان بغير حڪومت جي جوڙ جڪ. سنڌ جو مثال وٺو ته گذريل 15 سالن کان پ پ اقتدار ۾ هئي ۽ مخالف ڌُر اٽي ۾ لوڻ برابر، ”مقتدر قوتون“ حڪومتي پارٽي کان جيڪو به مطالبو ڪن ٿيون پيپلزپارٽي ان تي ”جي حاضر“ ڪيون بيٺي آهي. بحريا تائون کان وٺي اسٽيل ملز جي زمين هجي يا سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين انهن جي حوالي ڪرڻ اُهي چٽا مثال آهن. بنگلاديش ۾ پڻ حسينه واجد جمهوريت تي راتاهو هڻي مخالف ڌُر کي چيڀاٽي لاڳيتو ٽيون ڀيرو اقتدار ۾ اچي چڪي آهي ۽ جمهوريت، انساني حقن جون دعويدار عالمي طاقتون توڙي انساني حقن جون تنظيمون معمولي تنقيد کان سواءِ ڪجهه به ناهن ڪري سگهيون.

تازو متحده رابطه ڪميٽي ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري توڙي ٻي قيادت جا ليڪ ٿيندڙ وڊيوز جعلي مينڊيٽ جا سڀئي پول پڌرا ٿيڻ جماعت اسلامي توڙي مخالف ڌُر جي موقف کي درست ثابت ڪري ڇڏيو آهي.پ پ ۽ (ن) ليگ جو مينڊيٽ به ايم ڪيو ايم وانگر ڪجهه دال ۾ضرورڪارو ٿو لڳي. جعلي مينڊيٽ سان ٺهندڙ حڪومت گهڻو دير هلي نٿي سگهي، اهڙي حڪومت ۽ ميمبرن جا هٿ پير ٻڌي ۽ زبان بند ڪئي ويندي آهي، پوءِ پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻائي ريموٽ ذريعي هلايو ويندو آهي جنهن جا ملڪ ۽ قوم لاءِ مثبت نتيجا ڪونه نڪري سگهندا آھن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قومي مفادن خاطر مخالف ڌرجي خدشن کي ختم ۽ملڪ جو گاڏو هلائڻ لاءِ حڪومت توڙي مخالف ڌرجي پارٽين کي هڪ بينچ تي ويهڻو پوندو  .

اها هڪ حقيقت آهي ته جيستائين ووٽ جو تقدس بحال ۽ عوام کي پنهنجي مرضي جي قيادت جو حق نٿو ڏنو وڃي ايستائين ملڪ ترقي ۽ معاشي توڙي سياسي بحرانن مان نٿو نڪري سگهي ڇو ته جمهوريت نالو ئي ان جو آهي ته عوام جي حڪومت عوام لاءِ .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.