وفاق ۾ حڪومت سازي لاءِ تڪراري قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه خيرخوبي سان منعقد ٿيو جيڪو صدر مملڪت ڊاڪٽر محمد عارف علوي پهريان ته نگران وزيراعظم پاران موڪليل سمري واپس ڪئي پر بعد ۾ ٻيهر موڪليل سمري منظور ڪئي.ٻي سمري منظور ٿيڻ کان اڳ ئي اسپيڪر پنهنجا اختيارات استعمال ڪندي آئيني ۽ قانوني حوالا ڏيندي قومي اسيمبلي جو اجلاس انهي بنياد تحت طلب ڪيو هو ته چونڊن جي 21 ڏينهن اندر ڪنهن به صورت ۾ اسيمبلي جو اجلاس ضرور گهرائڻو آهن، جڏهن ته آئيني ماهرن جو اهو موقف آهي ته جيستائين اسيمبلي فورم مڪمل نٿو ٿئي، عورتن ۽ اقليتن جو سيٽون سمورين ڌرين کي الاٽ ٿي نٿيون ملن تيستائين اجلاس گهرائي نٿو سگهجي.
پ پ پ جي چيئرمن بلاول ڀٽو ته اهو به چئي چڪو هو ته صدر اجلاس نه ڪوٺائي آئيني خلاف ورزي جو مرتڪب ٿيو آهي پر اهڙي بيان بعد صدر اجلاس گهرائڻ واري سمري اجلاس کان هڪ ڏينهن منظور ڪئي هئي.ڪالهوڪي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن قسم کنيو جيڪو اسپيڪر راجا اشرف کانئن کڻايو.گهڻي وقت کانپوءِ هي پهريون اجلاس هو جنهن ۾ سواءِ پي ٽي آءِ باني جي باقي سمورن پارٽي سربراهن ميان محمد نوازشريف ،آصف علي زرداي،بلاول ڀٽو،مولانا فضل الرحمان شرڪت ڪئي ۽ قسم کنيو.
آئين قانون ڇا ٿو چئي يا عدالتن جي تشريح ڪهڙي ٿي اچي، مخالف ڌرين اسيمبلي اجلاسن کي غيرقانوني غير آئيني قرار ته ڏنو آهي پر اجلاسن ۾ پهچي بنا ڪنهن احتجاج جي حلف داري ۾ شرڪت ڪئي پر صوبائي اسيمبلين جي اجلاسن ۾ قائد ايوان ۽ اسپيڪرن جي چونڊن ۾ شرڪت نه ڪري پنهنجي موقف کان پاسيرا نظر آيا جنهن لاءِ مٿن سخت تنقيد ڪئي وئي آهي ته جڏهن اسيمبلي اجلاسن کي غيرقانوني تصور ڪن ٿا ته اهڙي صورت ۾ اجلاسن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ حلف کڻڻ ڪهڙي معني ٿو رکي.بلوچستان جي قومپرست پارٽين جي سربراهن جناب اختر مينگل،محمود اچڪزئي ۽ ٻين به چونڊن جي شفافيت تي آڱريون کنيون آهن ۽ پي ٽي آءِ جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.
مخالف ڌر جا احتجاج ۽ ڌرڻا جاري آهن ڏسجي ته اهي ڪٿي ٿا دنگ ڪن انهن جو انتظار آهي۔مولانا فضل الرحمان به ڌانڌلين کي جواز بڻائي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيو آهي ۽ ڪالهه هن قومي اسيمبلي جي قائد ايوان ۽ اسپيڪرن جي چونڊ جي بائڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
خبر ناهي ته اليڪشن ڪميشن پاڻ کي ڪهڙي سبب ۽ ڪهڙي نيت سان ڌر بڻائي پاڻ کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميش هر فيصلو جلدبازي ۽ اٻهرائي ۾ پيو ڪري هاڻ ته صدارتي چونڊن جو به 2 مارچ لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو اڳ ۾ اٺين مارچ تي مقرر ٿيل هيو.ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها جو پارليامينٽ سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جا فورم مڪمل ٿي وڃن ها تنهن بعد ئي صدارتي چونڊون ٿين ها پر ڏسڻ ۾ اهو ٿو ته اچي ته سگهاريون قوتون جلد کان جلد صدر کان جان آزاد ڪرائڻ چاهين ٿيون.
ڏسجي ته ملڪ جا گذريل ٻه سال سياسي ڇڪتاڻ، آئيني ۽ قانوني گهوٽالي وارا گذريا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ معاشي طور انهي حد تائين لوڙيو آهي جو ملڪ بدانتظامي ۽ ڪرپشن جو شڪار رهيو، مهانگائي ۽ غربت ۾ واڌ آئي. آئين ۽ قانون جي انهي حد تائين لتاڙ ڪئي وئي جو اسيمبلين جي ٽٽڻ جي باوجود بهانا بڻائي صرف انهي بنياد تي چونڊون مهينن جا مهينا دير سان ڪرايون ويون ته جيئن مخالف ڌر کي مينڊنٽ نه ملي سگهي پر پوءِ به مختلف نشانن هيٺ چونڊون وڙهندي مخالف ڌر پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي طاقت ۽ عوام ۾ مقبوليت ظاهر ڪئي۔ جيڪڏهن بروقت نتيجا ظاهر ڪيا وڃن ها ۽ فارم پنجين ۽ ستين ۾ فرق نه هجي ها ته شايد چونڊون ايتريون به تڪراري نه بڻجن ها.
هن ڀيري پ پ پ ۽ ن ليگ کي چونڊ مهم دوران هڪجهڙيون رعايتون مليون جيڪي پي ٽِي آءِ کي مليل نه هيون جنهن جا چونڊ جلسا به نه ٿي سگهيا.
آصف علي زرداري جنهن کي مفاهمت جي بادشاهه طور سڃاتو وڃي ٿو تنهن پنهنجا ڪارڊ انتهائي هوشياري ۽ چالاڪي سان اڇلايا آهن ۽ هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ڪيا آهن، جنهن ۾ هن پنهنجي سياسي مخالف نوازشريف جو چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ وارو رستو پنهنجا ڪارڊ کيڏي روڪي ڇڏيو آهي ۽ پاڻ ايوان صدارت ۾ ٻيهر پهچڻ لاءِ راهه هموار ڪري چڪو آهي جنهن سان اقتداري ڌر توڙي مخالف ڌر ۾ پريشاني پئدا ٿي چڪي آهي جيڪو صدارتي عهدي کي پنهنجي سياسي صلاحيتن ۽ سياسي ڪارڊن وسيلي خوش اصلوبي سان استعمال ڪري نڀائي سگهي ٿو.
جيڪڏهن آصف صدر ٿئي ٿو جنهن جي پڪ به آهي اهڙي صورت ۾ هو ڊاڪٽر عارف علوي جيان ڪمزور صدر ٿي سامهون نه ايندو ۽ پنهنجا آئيني اختيار دٻ دٻي سان استعمال ڪندو۔سينيٽ جي چيئرمن شپ پنجاب ڪي پي ڪي جا گورنر به پ پ پ کي ملن ٿا ته باقي ن ليگ لاءِ ڇا بچندو . ايم ڪيو ايم جيڪا ن ليگ کان ڪجهه نه ڪجهه وٺڻ لاءِ لاڳيتا رابطا ۽ اجلاس پئي ڪيا سا به پاڻ کي هاڻ اڪيلائپ جو شڪار پئي محسوس ڪري.کيس جيڪڏهن سنڌ ۾ گورنرشپ نٿي ملي ته اها وفاق ۾ ن ليگ جو شايد ئي ڪو ساٿ ڏئي نه وري وزارتن تي راضي ٿئي۔ايم ڪيو ايم گورنرشپ لاءِ بضد آهي جڏهن ته پ پ پ متحده کي گورنرشپ ڏيڻ تي راضي ناهي. جيڪڏهن ن ليگ کڻي ڏئي به ته ان سان پ پ پ ۽ ن ليگ ۾ وڇوٽي پئدا ٿي سگهي ٿي جيڪا هنن ڳنڀير سياسي ماحول ۾ ن ليگ ڪو به رسڪ کڻڻ لاءِ تيار نه رهندي۔بهرحال ن ليگ گورنرشپ وري به ڪنهن اردو ڳالهائيندڙ جي حوالي ڪندي پوءِ ڇو نه کڻي ڪهڙي به ڌر هو هجي. ايم ڪيو ايم کي ڪهڙي به صورت ۾ وفاق جي هڪ اڌ وزارت تي گذارو ڪرڻو پوندو. ضد جي صورت ۾ کيس سياسي نقصان پهچي سگهي ٿو تنهنڪري سندس اها ڪوشش رهندي ته وفاق توڙي سنڌ ۾ اها دوستاڻه مخالف ڌر وارو ڪردار ادا ڪري ۽ ايندڙ وقت جو انتظار ڪري.
رهيو سوال ته ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا اشرف جي حڪم تحت ٿيو جنهن چونڊيل ميمبرن کان قسم کڻايو.پي ٽي آءِ ( سني اتحاد ڪائونسل ) ۽ ٻين مخالف پارٽين جي ميمبرن قسم ته کنيو پر اهي اسپيڪرن ۽ قائد ايوان جي چونڊن ۾ حصو وٺن ٿا يا نه اها اڄ ۽ سڀاڻي خبر پوندي.عوامي ۽ سياسي حلقن جي راءِ آهي ته پي ٽي آءِ جا حمايت يافته ميمبر ڪنهن به جذباتي قدم کڻڻ کان پاسو ڪن ۽ وقت جو انتظار ڪن ڇاڪاڻ ته سندن جذباتي فيصلن ماضي ملڪ کي معاشي تباهي طرف ڌڪيو.
اسيمبلين کان الڳ رهڻ ڪري آئين ۽ قانون سازي متاثر رهي جيڪا هڪ ڌر جي هٿن ۾ هلي وئي جنهن سان قوم ۽ ملڪ گهڻو ڪجهه لوڙيو آهي ۽ وڌيڪ لوڙڻ جي سگهه رکي نٿو سگهي.2024 جي چونڊن جي نتيجي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کان مستعفيٰ ٿيڻ جو مطالبو ٿي رهيو آهي اهو ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ آهي يا نه اهو فيصلو چيف اليڪشن ڪمشنر کي ئي ڪرڻو ۽ سوچڻو آهي ڇاڪاڻ ته ملڪ جي بقا وڌيڪ اهميت رکي ٿي.