فلسطين لاءِ جان ڏيندڙ سپاھي ڪير ھو ؟

ايرون بشنيل پاڻ کي باھ ڏئي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. واشنگٽن ۾ اسرائيلي سفارتخاني جي سامهون پاڻ کي باهه ڏيندڙ ھوائي فوج جو سپاھي ايرون بشنيل باهه ۾ سڙڻ بعد فوت ٿي ويو.

آچر واري ڏينھن  ٽپھري جو سپاھي پاڻ مٿان پيٽرول ھاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. بھرحال موقعي تي موجود ’يو ايس سيڪريٽ سروس‘ جي اهلڪارن باهه وسائڻ لاءِ پھتا باهه وسائي ھن کي زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو پر ھو بچي نھ سگھيو.

آمريڪي هوائي فوج واقعي جي تصديق ڪئي آهي. پوليس، سيڪريٽ سروس ۽ ٻيون اختياريون معاملي جي جاچ ڪري رهيون آهن.

پينٽاگون جي ترجمان ان واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏنو آهي.

آمريڪي فوج جي ھن سپاھي ايرون بشنيل پاڻ کي باهه ڏيڻ واري وڊيو ”ٽوئيچ“ تي لائيو اسٽريم ڪئي، جنهن ۾ هن پنهنجو تعارف ڪرايو تھ ھو آمريڪي ھوائي فورس يو ايس ايئر فورس جو حاضر سروس سپاھي آھي. پاڻ کي باهه ڏيڻ کان اڳ، هن چيو ته هو ’هاڻي (فلسطيني) جي نسل ڪشي ۾ وڌيڪ حصو نه وٺندو‘ ۽ جيئن ئي باهه سندس جسم کي وڪوڙي وئي تھ، هن کي ’فلسطين کي آزاد ڪريو ‘ جو نعرو ھڻندي وڊيو ۾ڏسي سگھجي ٿو.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي بم ڊسپوزل يونٽ جي اهلڪارن کي به واقعي واري هنڌ موڪليو ويو، ڇاڪاڻ جو اختيارين کي اهلڪار جي گاڏي ۾ موجود هجڻ جو شڪ بھ ٿيو ھو.

ان واقعي ۾ اسرائيلي سفارتخاني جو ڪو به اهلڪار زخمي ناھي ٿيو، جڏهن ته ان علائقي مان ڪوبه خطرناڪ مواد هٿ پڻ نه آيو آھي ۽ علائقي کي محفوظ قرار ڏنو ويو آهي.

سفارتخاني جي ترجمان پڻ تصديق ڪئي آھي تھ  واقعي ۾ سفارتخاني جي عملي جو ڪو به ميمبر زخمي ناهي ٿيو.

اسرائيلي پرڏيهي وزارت چيو ته سفارتخاني جو عملو ان شخص کان واقف نه هو. هي پهريون ڀيرو ناهي ته ڪنهن شخص آمريڪا ۾ اسرائيلي سفارتي مشن جي سامهون پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي هجي.

گذريل سال ڊسمبر ۾ آمريڪي رياست جارجيا ۾ اسرائيلي قونصليٽ جي سامهون احتجاج ڪندڙ هڪ شخص پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ان شخص پاڻ کي باهه ڏيڻ لاءِ پيٽرول استعمال ڪيو، جڏهن ته اختيارين واقعي واري ھنڌ تي فلسطيني جهنڊو پڻ مليو آھي.

ايرون بشنيل پاڻ کي باهه ڏيڻ وقت فوجي وردي پاتل ھئي. هن پاڻ کي باهه ڏيڻ کان اڳ ڪيترن ئي صحافين ۽ کاٻي ڌر جي نيوز ويب سائيٽن کي اي ميل بھ موڪليون ھيون.اي ميل وصول ڪندڙ گروپن ۾ ائٽلانڪ ڪمينونٽي پريس ڪليڪٽِو، بي بي سي کي اي ميل جي ڪاپي فراهم ڪئي.

ان اي ميل ۾، ايرون خبردار ڪيو ته ”اڄ آئون فلسطيني ماڻهن جي نسل ڪشي جي خلاف ھڪ  انتهائي قدم کڻڻ جي رٿابابندي ڪري رهيو آهيان. اهو تمام گهڻو پريشان ڪندڙ قدم ھوندو.“

ايرون بشنيل ٽيڪساس رياست جي شھر انتونيو ۾ پيدا ٿيو ۽ ھو ميساچوسٽس ۾ پليو ۽ وڏو ٿيو، جتي هن ڪيپ ڪوڊ ٻيٽ نما جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم ورتي.

اسڪول جي لنڪڊن  پروفائيل مان پتو پوي ٿو ته هن نومبر 2020 ۾ ايئر فورس جي بنيادي تربيت اعليٰ اعزاز سان مڪمل ڪئي ۽ ھو ان کي پروگرامنگ انجنيئرنگ ۾ منتقل ڪرڻ جو خواھشمند ھو.

ايئر فورس اندروني خانداني نوٽيفڪيشن پاليسين جو حوالو ڏيندي،ٻڌايو تھ اداري جي ساک ايرون بشنيل جي لاڳاپن بابت تفصيل جي تصديق نه ڪندي، پر فوجي اخبار اسٽارز ۽ اسٽريپس رپورٽ ڪيو تھ هن سينئر ايئر مين جو عھدو حاصل ڪيو هو.

واشنگٽن پوليس جو چوڻ آهي ته هو ٻين ادارن سان گڏجي واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.