اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت سپريم ڪورٽ جي ججن جي توهين ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار صحافي اسد طور کي سندس ماءُ ۽ وڪيل ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.ڊان نيوز موجب جڊيشل مئجسٽريٽ محمد شبير اسد سان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.صحافي ۽ وي لاگر اسد هن وقت 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي حراست ۾ آهي.اسد علي طور جي وڪيل ايمان خاطر مزاري چيو ته هو 36 ڪلاڪن کان بک هڙتال تي ويٺل آهي،سندس صحت انتهائي خراب ٿي وئي آهي، گذريل رات ريسڪيو 1122 کي فون ڪيو ويو ته کيس طبي امداد ڏني وڃي.اسد علي طور جي هڪ ٻئي وڪيل عبدالهادي دعويٰ ڪئي ته سندس اصيل کان پڇا ڳاڇا دوران عدليه بابت ڪو به سوال نه پڇيو ويو، پر سمورا سوال ملٽري اسٽيبلشمينٽ بابت پڇيا پيا وڃن.