بئريسٽر گوهر وري بنا مقابلي پي ٽي آءِ چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي خان بنا مقابلي پي ٽي آءِ جو چيئرمين چونڊجي ويو. پي ٽي آءِ طرفان جاري بيان موجب عمر ايوب بنا مقابلي مرڪزي جنرل سيڪريٽري، ڊاڪٽر ياسمين راشد بنا مقابلي پنجاب جي صدر چونڊجي وئي. پڌرائي موجب علي امين گنڊاپور خيبرپختونخواهه، حليم عادل شيخ کي پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر چونڊيو ويو آهي. ان کان سواءِ پي ٽي آءِ بلوچستان جي صدارت جي سيٽ لاءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪوئيٽا ۾ ٿيندي. پڌرائي موجب پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن جي نتيجن جو حتمي اعلان 3 مارچ تي ڪيو ويندو.

  1. چيف اليڪشن ڪمشنر قوم کان معافي وٺي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته عوام سوال ڪري رهيو آهي ته 8فيبروري جي راند کي اليڪشن  جو نالو ڇو ٿو ڏنو وڃي. ڌانڌلي جي متعلق اليڪشن ڪميشن کي 100کان مٿي شڪايتون ڪيون ويون آهن،هڪ جو به جواب نه ڏنو ويو آهي. جعلي مينڊيٽ تي ٺهندڙ حڪومت سان مهانگائي بي روزگاري ۾ اضافو ٿيندو. آئي ايم ايف وڌيڪ قرضن جي پنڻ جي شروعات ٿي وئي. هن چيو ته  جماعت اسلامي کي ڌانڌلي ذريعي هارايو ويو. ڪراچي ۾ سيٽون کسيون ويون. جمهوريت ماڻهن کي فيصلو کي تسليم ڪرڻ جو نالو آهي افسوس پاڪستان ۾ اهڙي جمهوريت آهي جتي فيصلو پهريون اليڪشن پوءِ ٿيندي آهي وقت اچي ويو آهي ته تمام سياسي جماعتون شفاف اليڪشن جي لاءِ قومي ڊائيلاگ جو آغاز ڪن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اليڪشن جي ڏينهن موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس ڇو بند ڪئي وئي. اليڪشن نتيجن جي اعلان ۾ دير ڇو ڪئي وئي فارم 45 ۽ فارم 47۾ فرق ڇو آهي. اليڪشن تحقيقات لاءِ عدالتي ڪميشن ٺاهي وڃي چيف اليڪشن ڪمشنر قوم کان معافي وٺي ۽ استعيفا ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.