”قبيلائي دهشتگردي نامنظور“پني عاقل ۾ سول سوسائٽي طرفان امن ريلي

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پني عاقل ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ مھر ، جتوئي تڪرار ۾ 7 انساني جانيون ضايع ٿيڻ کانپوءِ سياسي سماجي، سول سوسائٽي ۽ ادبي سنگت جي  نمائندن اسٽيپ فائونڊيشن سنڌ پاران اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائسته کوسو اسد چاچڙ ۽ ڪامريڊ ھاشم کوسو، سوشل ورڪر شير محمد انڍڙ جي اڳواڻي ۾ قبيلائي دھشتگردي خلاف ۽ امن جي پيغام کي عام ڪرڻ واسطي چونگھا اسٽاپ کان پني عاقل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي مٿين اڳواڻن چيو ته سنڌ لاءِ قبيلائي جھيڙا ناسور بڻجي ويا آھن جنھن جي ڪري ڪيتريون ئي انساني جانيون گولين جو کاڄ بڻجي ويون آھن ۽ علائقا ويران بڻجي ويا آھن، قبيلائي جھيڙن جي ڪري تعليم، ڪاروبار ، فصلن کي به ڌڪ رسي ٿو ۽ علائقن جا علائقا ويران ٿي وڃن ٿا، نامياري شاعر ناصر چاچڙ ، امداد جسڪاڻي ، ميان خير الدين انڍڙ ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته زمين جي ٽڪري ۽ ٻين ذاتي مسئلن تي ماڻھون مارڻ انسانيت ناھي، باشعور طبقو ضد ۽ ڏاڍ کي رد ڪري جھيڙن کان پاڪ پر امن سنڌ ڏسڻ چاھي ٿو ريلي ۾ شريڪ شھرين  چيو ته سنڌ پوليس جھيڙي کي ٿڌو ۽ ختم ڪرڻ لاءِ ھميشه لاپرواهه رھي آھي، پوليس جي غلفت جي ڪري به جھيڙا زور وٺن ٿا ۽ امن ٿيڻ بدران بدامني وڌندي پئي وڃي، ريلي ۾ امن زنده باد، سنڌ مان قبيلائي دھشتگردي نامنظور جا زوردار نعرا لڳايا ويا، ريلي ۾شريڪ علي گوھر انڍڙ، مائي راڻي، شاھد علي وحيد ڀٽو، عبدالرحمان چاچڙ،ڪامريڊ لال چاچڙ ، رانجھن شيخ ، جاويد احمد ڪورائي محمد نواز شيخ ۽ ٻيا شريڪ هئا،  ٻئي پاسي مھر ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل علي شير مھر سکر جي اسپتال ۾ دم ڏيئي ڇڏيو ، فوتين جو انگ وڌي اٺ ٿي ويو، مهر ۽ جتوئي تڪرار تان ٽي ڏينهن اڳ فائرنگ ۾ 7 ڄڻا قتل ٿي ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.