ميرپورخاص ڀرسان ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل ، ڇڪتاڻ

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ مري ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان جھيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، شهر پاٽويون ۾ مري ۽ بروهي برادري وچ ۾  ٻني جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ مري برادري محمد يوسف مري گوليون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ  سول  اسپتال ميرپورخاص آندو ويو  جتان کيس انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو جتي هو علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فائرنگ مارجي ويل ڳوٺاڻي جو لاش سول اسپتال ميرپورخاص مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مري برادري جي هڪ ڳوٺاڻي جي مارجڻ بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ ٻنهي ڌرين جي ماڻهو مورچابند ٿي ويا، ڌرين ۾ جھيڙي ۽ هڪ ڄڻي جي قتل بعد علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، وڌيڪ رتوڇاڻ روڪڻ لاءِ علائقي ۾ پوليس مقرر ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.