سني اتحاد جو بابر سليم ڪي پي جو اسپيڪر ۽ ثريا بي بي ڊپٽي اسپيڪر

پشاور(م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل جو بابر سليم سواتي ڪي پي ڪي اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ ثريا بي بي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو آهي.  سني اتحاد ڪائونسل جو بابر سليم سواتي  ڪي پي ڪي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو. سني اتحاد ڪائونسل جو بابر سليم سواتي 89 ووٽ کڻي خيبر پختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو.  سندس مقابلي ۾ پيپلزپارٽي جي احسان الله ميان خيل کي 17 ووٽ مليا، اسپيڪر جي چونڊ لاءِ خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ 106 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا.  نئين چونڊيل اسپيڪر بابر سليم اسپيڪر جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، بابر سليم کي اسپيڪر مشتاق غني حلف کڻايو . ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي لاءِ سني اتحاد ڪائونسل جي ارباب وسيم ۽ ثريا بي بي وچ ۾ مقابلو ٿيو. سني اتحاد ڪائونسل جي ثريا بي بي 87 ووٽ کڻي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي وئي، جڏهن ته سندس مخالف پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز جي ارباب وسيم 19 ووٽ حاصل ڪيا، ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ ڪل 106 ووٽ ڪاسٽ ٿيا. بابر سليم سواتي ۽ ثريا بي بي کي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد ميمبرن جڏهن ته احسان الله ميان خيل ۽ ارباب وسيم کي پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ پارلياماني ميمبرن ۽ (ن) ليگ جي حمايت حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.