اسلام آباد ( م ڊ ) پي ٽي آءِ وفاق ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ لاءِ مولا نا فضل الرحمان کان مدد گهري ورتي آهي، پي ٽي آءِ جو وفد عمر ايوب، اسد قيصر جي سربراهي ۾ اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي جي رهائش گاهه تي پهتو، جتي هنن جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندي وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي لاءِ ووٽ گهري ورتو آهي، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ کي خبر آهي ته هو مولانا فضل الرحمان وٽ ووٽ گهرڻ ويا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ عمر ايوب جو چوڻ هو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کان علاوه سڀني کان ووٽ وٺڻ لاءِ وينداسين، ڇو ته اسان سمجهون ٿا ته پي پي ۽ ايم ڪيو ايم ۽ نون ليگ اسان جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو آهي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر جو چوڻ هو ته ملڪ جي تاريخ ۾ هي اليڪشن وڏي ڌانڌلي واري اليڪشن ڪرائي وئي آهي، فارم 45 جي نتيجن لاءِ ملڪ گير تحريڪ هلائڻ تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان صرف مولانا فضل الرحمان وٽ وزيراعظم، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر تي اسان جي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ لاءِ چيو آهي، هوڏانهن، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان مخالف ڌر جي پارٽين کي گڏجي هلڻ خوش آئنده قرار ڏئي ڇڏيو آهي .