نگران سرڪار جو ويندي ويندي ”تحفو“، پيٽرول 4 رپيا مهانگو

اسلام آباد(م ڊ) نگران سرڪار  ويندي ويندي پيٽرول مهانگو ڪرڻ جو ” تحفو“ ڏئي ڇڏيو. نگران وزيراعظم جي منظوري بعد پيٽرول اگهه ۾  4 رپيا 13 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جو اگهه برقرار  رکيو ويو آهي.  هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي موجوده قيمت 287 رپيا 33 پئسا في ليٽر تي برقرار آهي جڏهن ته پيٽرول جي نئين قيمت 279 رپيا 75 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.. اگهن ۾ مٽاسٽا جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.