ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ جي صحافين ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل شخصيتن جديد ڪراچي جي باني سيٺ هر چند راءِ وشنداس کي سلام پيش ڪندي سنڌ حڪومت ۽ ڪي ايم سي جي ميئر کي تجويز ڏني آهي ته سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي جو جديد بنياد رکندڙ هر چند راءِ جو ڪراچي ميٽرو ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي مکيه گيٽ تان هٽايل مجسمو ٻيهر لڳايو وڃي، هن جي نالي سان منسوب ٿيل روڊ جو نالو ٻيهر بحال ڪيو وڃي، ڪراچي جي ميئر آفيس ۾ جمشيد نسرواجي جي مجسمي سان گڏ هرچند راءِ جو به مجسمو به رکيو وڃي ۽ ڪراچي بار وارن کي بار جو 38 سال ميمبر رهندڙ ڪراچي جي هن سپوت جو پروگرام منعقد ڪرڻ گهرجي، سرڪاري نصاب ۾ هرچند راءِ سميت جديد ڪراچي اڏيندڙن متعلق سبق شامل ڪيو وڃي، اهي ڳالهيون زيبسٽ ۾ سنڌ اڀياس اڪيڊمي طرفان هرچند راءِ وشنداس جي شخصيت ۽ جدوجهد متعلق منعقد ڪيل هڪ پروگرام ۾ چيون ويون، ان موقعي تي روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر، ترقي پسند صحافي ڊاڪٽر جبار خٽڪ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي وجود کان اڳ هر چند راءِ ان دور ۾ ڪراچي کي روشنين جو شهر بڻايو، جڏهن يورپ ۽ اولهه جي ملڪن جي ڪيترائي وڏا شهر بجليءَ جي روشني کان محروم هئا، پاڪستان ٺهڻ بعد ڪي ايم سي جي مکيه دروازي تي لڳل مجسمي کي مذهبي انتهاپسندن اتان هٽائي ڇڏيو ۽ ٽمبر مارڪيٽ وٽ هرچند راءِ جي نالي کي مسلمان ڪري ان جو نالو صديق وهاب رکي بي ايماني ڪئي وئي، ان لاءِ جمهوريت جي دور ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڪي ايم سي جي گيٽ تي هرچند راءِ جو مجسمو لڳائي، تاريخ ۾ هن جي نالي سان منسوب ڪيل روڊ جو نالو ٻيهر بحال ڪيو وڃي، ملڪ ۾ مذهبي بنياد پرستي ڪري نصاب ۾ غلط تاريخ پڙهائي يا سچ کي لڪائڻ ڪري ڪراچي سميت سموري ملڪ ۾ مذهبي بنياد پرستي قبضو ڪري هرچند راءِ سميت ڪراچي ۾ بجلي، ٽرام ڏيندڙ ۽ جانورن انسانن جي ڀلائي جهڙا ڪم ڪندڙ اهڙين سمورين عظيم شخصيتن جي باري ۾ نئين نسل کي تاريخي حقيقتن کان پري رکيو ويو آهي، روزاني ھلچل جي چيف ايڊيٽر ۽ سينيئر صحافي يونس مهر چيو ته هر چند راءِ جديد ڪراچي جو بنياد وجهڻ لاءِ پهريون ڪراچي ميونسپل ڪميٽي جو ڪائونسلر بڻيو ۽ صدر جي عهدي تائين پهتو، هو ڪانگريس جو نظرياتي ڪارڪن هو ۽ هن جي روح ۾ سنڌ هئي، ان ڪري هن سائمن ڪميشن خلاف بيماري ۾ دهلي پهتو ۽ اسيمبلي جي گيٽ تي دم ڏنو، هر چند راءِ ڪراچي جي ڪچن روڊن کي پهريون ڀيرو ڍامبر جا روڊ ٺهرايا، شهر ۾ واپار جي ترقيءَ لاءِ پارسين ۽ ٻين کي آباد ڪرايو، خيراتي اسپتالون ۽ فني ڪاليج کوليا، هرچند راءِ لياري ندي جي نقصانن کان شهرين کي بچائڻ لاءِ بند ڏئي ھن جو رخ سمنڊ ڏي موڙيو ۽ اها تاريخي حقيقت آهي ته جديد ڪراچي جا ٽي بابا هر چند راءِ، جمشيد نسرواجي ۽ جي ايم سيد هئا، هنن کي اڄ جون سياسي تنظيمون ان ڪري هرچند راءِ کي ياد رکي ڀلائي جا ڪم نه ٿا ڪن، ڇو ته اهي پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنين ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر جئپال ڇاپڙيا چيو ته هر چند راءِ دادو جي مانجهند شهر مان نڪري ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ شڪارپور ۾ جج بڻيو پر اها نوڪري ڇڏي ڪراچي ۾ وڪالت ڪئي ۽ ڪراچي بار جو پهريون چونڊيل سيڪريٽري ٿيو ۽ مسلسل 38سال ان عهدي تي رهيو پر بار جا وڪيل هن کان اڻ واقف آهن، کين بار ۾ به هن جو مجسمو لڳڻ گهرجي، هو 10 سال ڪراچي ميونسپالٽي جو صدر پڻ رهيو ۽ ڪراچي شهر ۾ پليگ جي وبا ۾ والد جي مدد سان اسپتال کولي پنهنجي خدمتن جو ريڪارڊ قائم ڪيو، زيبسٽ جي اڪيڊمڪ جي ميمبر ڊاڪٽر الطاف چيو ته هو ڪراچي ۾ 1958 ۾ پيدا ٿيو پر هو هرچند راءِ جهڙين شخصيتن کان اڻ واقف رهيو آهي، ڀارت ۾ بابري مسجد جي جاءِ تي مندر اڏيو پر هتي گرو مندر جي جاءِ تي مسجد ٺاهي ڇڏي آهي، خوف آهي ته جيڪب آباد شهر کي مسلمان ڪري هن جو نالو به تبديل نه ڪيو وڃي.