اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) آءِ ايم ايف کي خط لکڻ تي پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن خلاف غداري جو ڪيس داخل ٿي سگھي ٿو.پي ٽي آءِ پاران لکيل تڪراري خط تي مختلف فورمن تي بحث جاري آھي.اھو خط پارٽي ترجمان روئوف حسن عمران خان جي چوڻ تي لکيو آھي.ان کان اڳ پارٽي جي ٻين اڳواڻن بئريسٽر گوھر،علي ظفر ۽ سردار لطيف کوسي کي پڻ خط لکڻ لاءِ چيو ويو ھو پر انھن نھ لکيو.آخراھا قرباني ڏيندڙ رئوف حسن بڻيو.جاويد چوڌري موجب خط لکڻ بعد ڇا پي ٽي آءِ،ٻين ملڪن کي بھ خط لکي ڪري انھن کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت جي دعوت ڏيندي ؟ خط لکڻ سان خود پاڪستان تحريڪ انصاف جو، ٻاھران کان ٿيندڙ مداخلت جي مخالفت وارو بيانئيو دفن ٿي ويو آھي.اھو خط لکي پي ٽي آءِ وڏي غلطي ڪري وڌي آھي،جنھن جو نتيجو ان ايندڙ وقت ۾ کين ڀوڳڻو پوندو،ڇاڪاڻ جو ايترو آساني سان رياست ان خط کي برداشت نھ ڪندي،جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ عمران خان جي ساٿين کي پوئتي ڪري نون ايندڙن قيادت سنڀالي ورتي آھي.ان ڪري اسد قيصر کي پاسي تي ڪيو آھي.اسد قيصر ڪجھ ڏينھن کان سياست ۾ خاصو سرگرم ھو، ٻين سياسي پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.جنھن سان افھام و تفھيم واري سياست جو تصور اڀري رھيو ھو.ان مان لڳو ھو تھ ھوءَ، پي ٽي آءِ.کي درست ڪرڻ چاھي ٿو.ھن مولانا فضل الرحمان سان وفد جي صورت ۾ ملاقت ڪئي.جنھن جي خاصي پذيرائي ملي ھاڻي عمر ايوب ۽ گوھر خان جي نظر اپوزيشن ليڊر بڻجڻ تي آھي.جاويد چوڌري موجب اپوزيشن ليڊر ٿيڻ جي ڪوشش بھ پارٽي ۾ ڏار وجھي ڇڏيا آھن.