مريم نواز جو هاڪاري رويو، مخالف ڌر اڳواڻ وٽ هلي وئي

لاهور( م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز مثبت جمهوري تاريخ رقم ڪري ڇڏي،  پنجاب اسيمبلي اجلاس ۾ مريم نواز مخالف ڌر جي اڳواڻ  رانا آفتاب احمد خان جي سيٽ وٽ وڃي  ساڻس خير سگالي جذبي جو اظهار ڪيو. مريم نواز ڳالهائندي چيو ته اليڪشن واري ڏينهن توهان سان منهنجي ملاقات نه ٿي سگهي، ان ڏينهن به مون چاهيو پئي ته توهان ايوان ۾ هجو ها، اهو ئي  چوڻ آئي آهيان ته  توهان سڀني لاءِ منهنجا دروازا کليل آهن، جيتري حڪومتي ميمبرن جي وزيراعليٰ آهيان ايتري توهان لاءِ به آهيان، رانا آفتاب احمد  وزيراعليٰ پنجاب  مريم  نواز جا ٿورا مڃيا ۽ هن چيو ته ان ڏينهن  ٻڌايو وڃي ها ته اسان ضرور اچون ها،  مريم نواز چيو ته مون ان ڏينهن ماڻهن کي توهان پٺيان موڪليو پوري ڪوشش ڪئي هئي ته  توهان ان عمل ۾ شريڪ هجو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.