اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ نامزد وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ صدر جو آئيني فرض آهي، اجلاس نه سڏائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي.مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته صدر هڪ ڀيرو ٻيهر آئين جي توهين ڪري رهيو آهي ، اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ سندس آئيني فرض هو، هن عمران خان جي اشاري تي اجلاس نه گهرايو،هن چيو ته اسان 16 مهينن جي اتحادي حڪومت ۾ پاڪستان کي ڏيوالپڻي کان بچايو، ٻي صورت ۾ هتي ويهڻ جهڙا نه هئاسين، نواز شريف کي درخواست ڪندس ته وزيراعظم بڻجي، اوهان جو ڪارڪن بڻجي ملڪ جي خدمت ڪندس.