جنرل باجوا ۽ فيض اسان کان ويهي قانون سازي ڪرائيندا هئا: خواجا آصف جو اعتراف

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته اُن دور ۾ قانون سازي لاءِ اسان آءِ ايس آءِ جي ميس ۾ ويندا هئاسين ۽ جنرل باجوا ۽ جنرل  فيض ويهي اسان کان قانون سازي ڪرائيندا هئا. ن ليگ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي موقعي تي گفتگو ڪندي خواجه آصف چيو ته سياسي استحڪام لاءِ رڳو سياستدان نه باقي پليئرز به آهن، سڀني عنصرن کي استحڪام لاءِ گڏ ٿي ويهڻ گهرجي. هن چيو ته ان دور ۾ قانون سازي لاءِ (اسان) آءِ ايس آءِ جي ميس ۾ ويندا هئاسين ۽ جنرل باجوا ۽ جنرل فيض ويهي اسان کان قانون سازي ڪرائيندا هئا. سندس چوڻ هو ته اهي مجلس عامله ۽ ايف اي ٽي ايف بابت به قانون سازي ڪرائيندا هئا ۽ اهي ٻئي قانون سازيون فوج ۽ آءِ ايس آءِ جي مداخلت سبب ٿيون هيون، ان ماحول ۾ ٻيو ڪهڙو بگاڙ پيدا ٿئي ها، هاڻ ڀوڳي رهيا آهيون. ن ليگ اڳواڻ چيو ته صدر ٻه ڀيرا آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، عارف علوي تي آرٽيڪل 6 تحت غداري جو ڪيس هلڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.