شهباز جو اتحادين کي آجياڻو، وزيراعظم ۽ ٻين عهدن لاءِ فضل الرحمان کان حمايت طلب

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي اميدوار شهباز شريف پاران اتحادين کي آجياڻو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ بلاول ميثاق معيشت جي تجويز ڏني آهي. پ پ چيئرمين نواب شاهه مان چونڊيل غلام مصطفيٰ شاهه کي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪرنامزد ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ميان شهباز شريف مسلم ليگ ن طرفان اياز صادق کي اسپيڪر شپ اميدوار نامزد ڪيو.پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پارٽي طرفان غلام مصطفيٰ شاهه کي ڊپٽي اسپيڪر شپ جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو.بلاول ڀٽو زرداري متوقع نئين حڪومت کي معيشت، قومي اتفاق راءِ، چونڊ ۽ عدالتي سڌارن جي چارٽر تي عملدرآمد لاءِ تجويزون پيش ڪيون. مولانا فضل الرحمان وٽ حڪومتي اتحادي پهچي ويا. مولانا ڌانڌلين جي شڪايت ڪئي.  مولانا چيو ته اسان سدائين پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته جي يو آءِ ميمبر اڄ حلف کڻندا. اتحادين کان مولانا کان اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر۽ صدارتي چونڊن ۾ سهڪار جي درخواست ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.