اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته مالياتي ادارو 2 هفتن اندر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 30 سيڪڙو سيٽن جو آڊٽ يقيني بڻائي، مالي امداد ڏيڻ کان اڳ گڊ گورننس کي يقيني بڻايو وڃي. آءِ ايم ايف پاڪستان سان لاڳاپيل شرط رکي، پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ترجمان رئوف حسن آءِ ايم ايف جي ايم ڊي کي خط لکيو آهي، جنهن جي متن موجب اهو خط پي ٽي آءِ باني عمران خان جي هدايتن تي آءِ ايم ايف کي موڪليو پيو وڃي. خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف 2 هفتن اندر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 30 سيڪڙو سيٽن جو آڊٽ يقيني بڻائي، آءِ ايم ايف پاڪستان کي مالي امداد ڏيڻ کان اڳ گڊ گورننس جا شرط رکي ۽ آءِ ايم ايف مالي امداد فراهم ڪري. پاڪستان کي امداد ڏيڻ کان اڳ ٻيا شرط رکيا وڃن. خط جي متن موجب آءِ ايم ايف کي تحقيقي اداري طور ڪم ڪرڻ جو مطالبو ناهي ڪيو. فافن ۽ پتن عام چونڊن جي آڊٽ لاءِ طريقيڪار جي وضاحت ڪري ڇڏي، ڏنل طريقيڪار ۾ ڪجهه تبديليون لاڳو ڪيون وڃن، آءِ ايم ايف جي مالي مدد سان پاڪستاني عوام تي بار وڌندو.