بلوچستان اسيمبلي جي 58 نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو

ڪوئيٽا( م ڊ)  بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو، بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس زمرڪ خان اچڪزئي جي  صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ 65 چونڊيل ميمبرن مان 58 نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو. اجلاس دوران شهيد سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ شهرين جي جان جي سلامتي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، اجلاس ۾ ڪجهه ميمبرن شرڪت نه ڪئي جڏهن ته ٽن تڪن تي نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ سبب چونڊ عمل مڪمل نه ٿي سگهيو، سردار اختر مينگل پنهنجي قومي اسيمبلي جي سيٽ برقرار رکندي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ ڇڏي ڏني، جڏهن ته مير سرفراز بگٽي، مير. صادق سنجراڻي ۽ ڄام ڪمال ڪوئيٽا ۾ غير حاضري سبب حلف کڻي نه سگهيا، اهڙي طرح بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 21 حب، تڪ پي بي 7 نصيرآباد ۽ پي بي 14 زيارت لاءِ ڪنهن به اميدوار جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو.اهڙي  طرح بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اڄ 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو، بلوچستان اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ اڄ 12 وڳي تائين جمع ڪرائي سگهبا، جڏهن ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر  جي چونڊ به اڄ ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.