ملڪ ۾ وفاقي حڪومت سازي جي حوالي سان لڪيل تڪرار ۽ ڇڪتاڻ وارا معاملا وري منظر عام تي اچي ويا آهن ۽ نئين چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو پنهنجي عهدن جو قسم کڻڻ ۽ آئين گهرجن موجب ڪارروائي کي اڳتي وڌائڻ، ايوان جي نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد قائد ايوان يعني وزير اعظم جي چونڊ ڪرڻ وارا مرحلا مڪمل ڪرڻ تمام لازمي آئيني گھرجون آهن.
نگران وزير اعظم طرفان صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي کي نئين قومي اسيمبلي جوعام چونڊن ۽ چونڊجندڙ اسيمبلي ميمبر جا نوٽيفيڪيشن جاري ٿيڻ بعد 21 ڏينهن اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ کان انڪار ۽ وزير اعظم جي سمري واپس موڪلي ڇڏڻ بعد ملڪ ۾ هڪ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ضرور قرار ڏني پئي وڃي پر ٻئي پاسي آئين ۾ موجود متبادل طريقيڪار موجب هاڻي قومي اسيمبلي سڏائڻ وارواهو اختيار پاڻمرادو اسپيڪر قومي اسيمبلي کي منتقل ٿي وڃي ٿو ته هو اهڙو اجلاس پنهنجي مليل آئيني اختيارن تحت سڏائي وٺي. جنهن تحت اسپيڪر راجا پرويز اشرف طرفان قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ 29 فيبروري تي طلب ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي آئيني ڪمن ۾ پيدا ٿيل رڪاوٽن جو حل پڻ آئيني رستي ذريعي نڪرڻ وڃي رهيو آهي.
قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ جي اياز صادق جي اسپيڪر ۽ سينيٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳوڻو وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي چيئرمين سينيٽ چونڊجڻ وارا انتظام تيزي سان مڪمل ڪيا پيا وڃن. اهڙي ريت، ميان شهباز شريف وزير اعظم ۽ ان بعد صدر مملڪت آصف علي زرداري جي وارا اتحادي ڌرين جا گڏيل اميدوار هئڻ ڪري انهن جي چونڊجڻ وارا مرحلا مارچ جي پهرين هفتي ۾ مڪمل ٿي ويندا. هاڻي اها اميد پيدا ٿي رهي آهي ته، گذريل ڊگهي عرصي جي افراتفري بعد هاڻي ملڪ ۾ سڪون ۽ امن وامان بحال ٿي ويندو۽ ملڪ ۾ حڪومت ۽ جمهوري، پارلياماني نظام مضبوطي سان پنهنجي رستي تي هلڻ شروع ڪندو. يقينن اسان جون اميدون عام عوام جي سوچ ۽ ضرورت مطابق ئي آهن پر ٻئي پاسي چونڊن ۾ شڪست کائيندڙ ڌريون پنهنجي سموري بازي ۽ راند هارائڻ بعد ڪنهن به صورت ۾ خاموش ٿي نه ويهنديون ۽ انهن جا احتجاج ۽ جلسا جلوس پڻ جاري رهڻ جا امڪان آهن.
اسانجي ملڪ ۾ جتي گذريل گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن ۾ سياست ۽ سياسي ڌرين جي بيهڪ ۾ جتي تمام گهڻي تبديلي ۽ اٿل پٿل پيدا ٿي آهي اتي سياسي نظرئين واري جماعتن جي نظرئين ۾ پڻ زمين ۽ آسمان وارو فرق منظر عام تي ايو آهي. 2018 وارين عام چونڊن ۾ جهڙي ريت، ٽائيگر خان کي جمهوريت ۽ پارليامان جي خلاف مخالف ڌر جي حيثيت ۾ اڀاريو ويو ۽ هن مٿان ۽ هن جي جماعت مٿان جهڙي ريت رياست ۽ ملڪ جي دولت ۽ وسيلن جا منهن کولي ڇڏيا ويا ۽ ڪپتان خان کي آسماني رستي کان آڻي ملڪ جي مٿان حڪمران ڪيو ويو ۽ انهي خاص شخصيت کان جهڙي ريت، ملڪ جي سياسي ۽ جمهوري ڌرين ۽ عوام الناس خلاف ملڪ الموت ۽ جلاد واري ڊيوٽي ڪرائي وئي ۽ هن به پنهنجي من ۽ روح جي رضا سان جهڙي ريت جيلون ۽ ٿاڻا مخالفن سان ڀرڻ ۾ پنهنجي دل جو سڪون ۽ روح جي راحت محسوس ڪئي. ايتري حد تائين جو هن اڳتي هلي ملڪ جي آئين کي تبديل ڪري صدراتي نظام لاڳو ڪري پاڻ کي صدرمملڪت چونڊائي گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ 20 سالن لاءِ ملڪ تي پنهنجي حڪمراني قائم رکڻ جا جيڪي خواب ڏٺا ۽ انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ جيڪا نفرتن واري سياست ۽ گارگند ۽ بداخلاقي واري طريقيڪار کي جيڪو رواج ڏنو انهي صورتحال يقينن هن ملڪ جا بنياد ئي لوڏي ڇڏيا.
دلچسپ ڳالهه آهي ته، رياست جي هڪ گروهه جي زور تي مشهوري ۽ مقبوليت ۽ ڪمپني جي پيداوار جي مشهوري ماڻيندڙ ريٽائرڊ ڪرڪيٽ جي رانديگر کي وي هنرمندي سان 2018ع وارين عام چونڊن جا نتيجا بدلائڻ ذريعي هن ڪانڀو خان کي اڪثريت ته ڏياري ويئي پرحڪومت سازي لاءِ گهربل اڪثريت نه ملڻ جي صورت ۾ مالدار ترين جي جهازن جي لڳاتار اڏامن ۾ آزاد اميدوارن کي آڻي جهڙي ريت خان سان ملائڻ ۽ سندس حڪومت ۾ کٽل سرون ۽ بلاڪ پورا ڪرائڻ لاءِ ڪشالا ڪڍيا ويا اهي واقعا پڻ اسان جي ملڪ جي سياسي ۽ ڏوهاري دنيا جا اهڙا واقعا رهيا آهن جن جي پڻ عدالتن ۾ جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ملڪ تي قبضا ڪرڻ لاءِ دنيا جي اڙيڪاپ رانديگرن ۽ جوارين جو حساب ڪتاب ضرور ٿيڻ گهرجي . جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته سموري ملڪ کي ڏوهاري ورائي ويندا ۽ سمورو ملڪ ۽ 25 ڪروڙ عوام جو مستقبل پڻ ڳڙڪائي ويندا. اسان جي ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيل 2024 واريون عام چونڊون ۽ چونڊن جا نتيجا پڻ انهي زهر واري ٿيل پوک جي پيداوار جي عڪاسي ڪن ٿا. جنهن ۾ گذريل حڪومتن ۽ ليڊرشپ جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي کي جانچڻ بجاء اهي چونڊون صرف ڪاوڙ، نفرتن جي زور تي وڙهيون ويون ۽ جنهن ڌر وٽ نفرتون پکيڙڻ لاءِ جيترا وسيلا ۽ انٽرنيٽ ۽ ميڊيا ٽيڪنالاجي موجود هئي ان ڌر اوترو ئي پنهنجيون نفرتون ووٽرن جي ذهنن ۾ ڀرڻ ۽ انهن جا ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
نفرتن جي بنياد تي سياست ڪرڻ ، گلا، غيبت، وهم شڪ ۽ وسوسن جون ڳالهيون باهه وانگر تيزي سان پکڙن ٿيون پر انهن جون پاڙون ۽ بنياد آهن يا نه اهي حقيقتون جڏهن منظر عام تي اچن ٿيون تيستائين ملڪ نفرتن جي باهه ۾ وڪوڙجي ويندو آهي ۽ نفرتن جي علمبردارن جي هٿن ۾ هليو ويندو آهي ۽ اهڙي ريت، هو موج ۽ مزا ڪرڻ ۽ تباهيون ۽ باهيون لڳائڻ وارا پنهنجا ذاتي مقصد پورا ڪندا رهندا آهن. پوءِ جڏهن سندن پڪڙائي ٿيندي آهي ته سزائون ڀوڳڻ بعد يا معافيون وٺڻ بعد ملڪ ئي ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ٿي ويندا آهن. نفرتن ۽ گارگند واري سياست اسان جي ملڪ ۾ نئين ناهي اها پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ ذريعي اسان جي ملڪ تي وڏي رٿابندي تحت مڙهي ويئي. اهڙي قسم جي سياست هن کان اڳ دنيا جو هڪ اهم ملڪ جرمني ايڊوولف هٽلر جي سياست ۽ سياهه ڪارين جي پڻ شڪار ٿي چڪو آهي جيڪو پاڻ جرمني جو رهاڪو نه ۽ پاڙيسري ملڪ آسٽريا مان لڏي اچي جرمني رهيو ۽ هن جرمني ۾ پنهنجي نفرت واري سياست ۽ مارڪٽ ۽ غنڊا گردي واري هلت کي ايتروته رواج ڏنو ۽ زور وٺايو جو اتي جو غريب عوام جيڪو پراڻن سياستدانن ۽ سياسي ڌرين کان خوش نه هو، اتي عوام جي ناراضگي کي نفرتن ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ ان بعد هٽلر جي نازي پارٽي ووٽ ذريعي ملڪ تي پنهنجي حڪمران قائم ڪئي ۽ عملي طور تي جمهوريت جي نالي ۾ سموري ملڪ تي هٽلر جي آمريت ئي قائم هئي جنهن جي نتيجي ۾ حڪمران جماعت ۾ پارٽي جو ڪوبه شخص هٽلر جي سياست تي ڪابه تنقيد ڪري نه سگهندو هو جنهن جي نتيجي ۾ هٽلر، جرمني کي جمهوري ملڪ بجاء فوجي ۽ ويڙهاڪ ملڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ وڏي پيماني تي هٿيار ٺاهڻ ۽ فوجون ڀرتي ڪرڻ بعد هن پاڙيسري ملڪن فرانس، پولينڊ تي حملا ڪيا ۽ ان بعد دنيا جي انقلابي طاقت روس تي پڻ خونخوار حملو ڪري ڏنو ۽ لينن گراڊ تائين ملڪ تي قبضا ڪندو ويو. نيٺ اها جنگ ٻي مهاڀاري يا بي عالمي جنگ جي صورت اختيار ڪري ويئي جنهن جي نتيجي ۾ جرمني دنيا جي فوجن هٿان شڪست کاڌي ۽ جرمني تباهه ۽ برباد ٿي ٻن حصن م وهائجي ويو ۽ ان بعد هٽلر پنهنجي ڳجهي فوجي پناهه گاهه مان آخري ڏڪندي ڏڪندي ٻاهر نڪتو ۽ پوءِ هن کي وري نه ڏٺو ويو. روايت آهي ته هن پنهنجي عظيم شڪست بعد آپگهات ڪري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو اهڙي ريت، هڪ ڏوهاري ۽ آمراڻي ذهنيت جي حڪمران جو ته خاتمو ٿي ويو پر جرمني جو معصوم ڪروڙين عوام جنگ جو کاڄ ٿي برباد ٿي ويو. هٽلر واري نفرت جي سياست ۽ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا 2 ڪروڙن کان وڌيڪ ماڻهو بيگناهه مارجي ويا.