گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي حوالي ڇو؟

تحرير؛ زارا نواز شيخ

ڪراچي جي سڀ کان وڏي ۽ خوبصورت شهر گلشن حديد، پاڪستان اسٽيل مل  ۽ پورٽ قاسم، جي ڪري پوري پاڪستان جي دل سمجهيو ويندڙ شهر گلشن حديد کي ڪافي وقت کان ڦورن ۽ لٽيرن جي رحم و ڪرم تي آهي. هٿياربند چور، ڌاڙيل شهر ۾ کلي عام گهمي رهيا آهن. هو جنهن کي چاهين جهڙي به وقت ۽ جتي به چاهين ڦر لٽ ڪري ماري بنا خوف هليا وڃن ٿا. عورتون، ٻارڙا، بزرگ، جوان ۽ شاگرد سندن گولين جي نشاني تي آهن. مزاحمت تي گولي هلائڻ ۾ ذرو به دير نه ڪندا آهن.

هلندڙ هڪ مهيني دوران ڦر وقت مزاحمت ڪرڻ تي ڪيترن ئي شهرين کي زخمي ڪيو ويو آهي. هتي روزانو هڪ درجن کان وڌيڪ اسٽريٽ ڪرائم جا واقعا ٿين ٿا. پوليس جي غيرسنجيدگي ۽ غير ذميواراڻي رويي سبب اڪثر ماڻهن ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرڻ کان ويساھ کڄي ويو آهي. ڪيتريون ئي موٽر سائيڪلون ۽ موبائيل فون کسجن ٿيون.واپاري برادرين به امن امان جي صورتحال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته خاص ڪري اسٽريٽ ڪرمنلز کان ڏاڍا پريشان آهيون. واپارين، شهرين انتظاميا  خلاف دانهيدي چيو ته پوليس واپاري برادري ۽ شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. خاص ڪري گلشن حديد ،اسٽيل ٽائون ۾ ته صورتحال تشويش ناڪ ٿيندي ٿي وڃي. واپاري ۽ عام ماڻهو پوليس کي پنهنجي ڪاروبار ۾ نقصان جو ذميوار سمجهي ٿو. پوليس انتظاميا جي ناقص ڪارڪردگي ۽ حڪمت عملي جي ڪري ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. اھڙو ڪو به ڏينهن ناهي. جنهن ڏينهن حديد ۾ ڦر لٽ مار نه ٿي هجي. ڪو به تدارڪ نٿو ڪيو وڃي.

ان حوالي سان ڪيتريون ئي سي سي ٽي وي فوٽيجز به سامهون آيون آهن. جنهن شهرين جي خوف ۽ هراس ۾ اضافو ڪيو آهي،  پر ڪراچي پوليس اهو ظاهر ڪري رهي آهي ته هو واقعي انهن ڦورن ، ڌاڙيلن جي اڳيان ايڏي بيوس ۽ مجبور بڻيل آهي. شهرين ۽ تاجرن ٻڌايو، اسين ڏاڍا پريشان آهيون. هڪ ته مھانگائي دوڪانن جا ڪرايا بجلي جا بل مٿان وڌندڙ بد امني سبب روزگار ئي نه رهيو آهي.

گلشن حديد جون رونقون موڪلائي ويون آهن. گراهڪ اچي ئي رات جي وقت ٿو، گلشن حديد جون حالتون سڀني جي سامهون آهن. گراهڪ دڪان تي بيهي ٿو ته ڊڪيت اڳ ۾ ئي تاڙ ۾  هوندا آهن. پستول ڪڍي دوڪاندارن ۽  خريدارن کي ساڳئي وقت ڦريو نڪتا هليا ٿا وڃن. اهڙي صورتحال ۾ ڪير اسان وٽ مارڪيٽ ۾ ڪو به گاهڪ اچڻ لاءِ  تيار ناهي. اسين ڪيترا ڀيرا حد جي ايس ايڇ او وٽ شڪايتون ڪري چڪا آهيون. اهڙي صورتحال هر گهر هر شخص جي آهي. فقط پوليس جي نااھلي ۽ لاپرواهي جي ڪري  رات توڙي ڏينهن جي وقت گشت به نه  ڪيو ٿو وڃي،

علاقي ۾ پنجاھ سيڪڙو کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون بنا نمبر پليٽ جي هلن ٿيون. ھڪ ڀيرو به بنا نمبر پليٽ جي موٽر سائيڪل سوار کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ نه آندو ويو آهي. قائد آباد کان گلشن حديد تائين هلندڙ پنجانوي سيڪڙو رڪشا بنا نمبر پليٽ جي هلن ٿا. گلشن حديد توڙي پوري علائقي ۾ ماسڪ پاتل چور گھمن ٿا. گلشن حديد سان لڳ  ڪچيون آباديون ڏوهارين جون محفوظ پناھ گاهون آهن.اليڪشن کان ڪجهه  ڏينهن اڳ Ps 85 جي آزاد اميدوار کان ڳوٺ سومار جوکيو ۾ نامعلوم هٿياربند موبائيل فون کسي آساني سان نڪري ويا.

ساڳي ڏينهن جٽ برادري جي نوجوان کي به ڦرڻ جي ڪوشش ڪين .  2 فيبروري تي جمعي جي شام تي منهنجي گهر جي اڳيان مزدورن، ڪاريگرن جي موجودگي ۾ منهنجي ڀائٽي زوھيب اعجاز شيخ کي هٿياربندن هٿيار جي زور تي پستول رکي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي روڪ رقم موبائيل فون کسي رونا ٿي ويا. اهو گلشن حديد ايڪسٽينشن ۾ گهر جي اڱڻ تي ڪو پهريون واقعو ناهي. اهڙا ڪيترا واقعا اڳ به ٿي چڪا آهن. انهن تمام واقعن جي اطلاع درخواست هر ڀيري اسٽيل ٽائون پوليس کي ڏنيون ويون آھن. اسان هن واقعي جي ايف آءِ آر به  درج ڪرائي چڪا آهيون، پر افسوس پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪرن کان ايڏو ڇو ٿي گهٻرائي.

پوليس کي گهرجي ته ڏھارين جي لسٽ، فوٽو ۽ نالن جي ٿاڻي ۾ لڳائي. ايف آئي آر درج ٿيڻ شرط نامزدگي جي انتظار ۾ وقت ضايع نه ڪري. هاڻي ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ڏينهن جو ڪم منٽن ۾ ٿي سگهي ٿو. سي ڊي آر، لوڪيشن، جيو فرانسنگ، سي ايل پي سي وغيره ۽ پراڻو طريقو تر جي چورن، پاٿاريدارن، مخبرن جي مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. پوليس پنهنجي ڊپارٽمينٽ جو نالو بدنام ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ خاص طور تي اسٽيل ٽائون پوليس  پنهنجو قبلو درست ڪري. انتظاميا  ۽ ڊپارٽمينٽ کي بي عزتي کان بچائي. ٿاڻي جي موجوده ايس ايچ او ٿاڻو اسٽيل ٽائون جي ڪارڪردگي بلڪل به غير تسلي بخش آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.