اسان کي شهر بانو جهڙا پوليس اهلڪار گهرجن

ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور ۾ عربي ڪيليفيگرافي جي پرنٽ ٿيل لباس پهرڻ تي هڪ عورت کي مذهبي گروهه جنهن نموني هراسان ڪيو ۽ ذري گهٽ ماري رهيو هيس ته ان موقعي تي هڪ عورت اهلڪار  شهربانوءَ جنهن همت ۽ طريقي سان ان عورت کي مڇريل هجوم کان بچايو تنهن سٺي ڪم کيس سڄي ملڪ اندر نه رڳو مشهور ڪري ڇڏيو آهي پر سندس هر جاءِ تي عزت افزائي پڻ ٿي رهي آهي.

مشهوري، عزت افزائي ۽ وڏو مقام هميشه سٺي ڪارڪردگي، ايمانداري، بهادري، سچائي ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان گڏوگڏ عوامي خدمت سان ملندو آهي. ان پوليس اهلڪار هڪ سٺي ڪارڪردگي سان ڪيڏو نه نالو ڪمائي ورتو آهي پر جيڪڏهن اها پوليس هلڪار ايئن ئي سڄي ڄمار پوليس کاتي ۾  ڪارڪردگي  ڏيکاريندي رهي ته سندس ڳاڻيٽو ملڪ جي تمام وڏن پوليس هلڪارن ۾ ٿيندو.

اهڙن پوليس اهلڪارن جي سڀني کي عزت ۽ همت افزائي ڪرڻ گهرجي. اهڙي عمل سان سڀني پوليس اهلڪارن کي اتساهه ملندو.اهڙي همت افزائي ان ڪري به ڪرڻ گهرجي جو اسان جي ملڪ اندر مجموعي طور تي پوليس کاتو بدنام رهيو آهي، ان کاتي جي ساک ڪنهن ريت به عوام دوست نه رهي آهي، تنهن ڪري اهڙي کاتي جي گدلي سينور ۾ شهربانو جهڙيون نيول ڪنول پيدا ٿين ته انهن جي دل کولي همت افزائي ڪرڻ گهرجي.

انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پوليس کاتي جي تاريخ ۾ هر دور ۾ ليجنڊ پوليس سربراهه به پيدا ٿيا آهن جن سڄي ڄمار ايمانداري ۽ بهادري سان پنهنجي کاتي لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ شهادتون به ماڻيون آهن. اهي شهادتون انهن پنهنجي ڊيوٽي دوران عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ تحت ڏنيون جنهن سبب سندن نالو زنده آهي پر مجموعي طور تي پوليس کاتي جي سڃاڻپ ساکائتي ۽ عوام دوست اداري واري ناهي رهي.

هاڻي جڏهن نئين نسل جو پڙهيل لکيل طبقو پوليس کاتي ۾ اچڻ لڳو آهي ته اميد ڪجي ٿي ته اهو نئون نسل پوليس جي پراڻي خراب سڃاڻپ واري ليبل کي لاهي ان جو نئون تعارف ڪرائيندو ان لاءِ پوليس کاتي جي اعليٰ اختيارين جو عوامي ۽ آدرشي ٿيڻ به ضروري آهي جيڪي پوليس کاتي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نه رڳو جديد سکيا جون سهولتون مهيا ڪن پر اخلاقيات جي به سکيا ڏيارڻ جو اهتمام ڪن ته جيئن پوليس کاتي جو عوام دوستي وارو پاسو اڀري سگهي.

پوليس کاتي بابت ٻيو تاثر اهو هوندو آهي ته اهو ڏوهارين جي وڌيڪ پٺڀرائي ڪندو آهي. لاهور واري واقعي ۾ ئي ڏسجي ته هڪ عورت پوليس اهلڪار جي انفرادي ڪارڪردگيءَ هڪ بيگناهه عورت جي قيمتي جان ته بچائي ڏيکاري پر پوليس کاتي ان مڇريل هجوم کي پڪڙي ڪا سيکت يا ڏنڊ وغيره نه وڌو جنهن ذري گهٽ پنهنجي ڪم علمي ۽ ڪم ظرفي سان هڪ بي گناهه عورت کي هيسائي کيس موت جي کاهي ۾ اڇلائڻ جي مجرماڻي حرڪت پئي ڪئي. اهڙي نموني جيڪڏهن ٿاڻن تي داخل ٿيل ايف آءِ آر جو جائزو وٺبو ته انهن جو به ڪو خاص ڪارج نه ملندو. ايف آءِ آر جو ڪو خاص فيصلائتو نوٽيس ناهي ورتو ويندو بس هڪ فارملٽي آهي جيڪا صدين کان هلندي رهي آهي ۽ بس. انهن ايف آءِ آر سان نه دشمنن ۽ ڏوهارين کي ڪو ڀئه هوندو آهي نه ئي سڄڻن کي ڪو آسرو!

سو مجموعي طور پوليس کاتي ۾ انقلابي نوعيت جي تبديلي جي ضرورت آهي جيڪو ملڪي عوام جو خواب به رهيو آهي.

سنڌ ۾  برساتن جي اڳڪٿي، حڪومت کي اڳواٽ حفاظتي انتظام ڪرڻ گهرجن

هن جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ شديد برساتن، ٻوڏن، زلزلن ۽ ٻين آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪي جديد طريقا ڪتب آڻڻ گهرجن سي نظر نٿا اچن. هتي پنهنجي ملڪ اندر انهن حوالن سان ڊيزاسٽر مئيجمينٽ  وغيره جهڙا وفاقي ۽ صوبائي ادارا برابر قائم آهن پر انهن جي ڪارڪردگي روايتي، ٿڌي ۽ غير فعال رهي آهي. هتي جڏهن به ڪي آفتون اينديون ته چيو ويندو آهي ۽ ٻڌايو ويندو آهي  ته فوجي اهلڪارن امدادي ڪاررواين ۾ نمايان حصو ورتو. ايئن ڇو آهي، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ وارا کاتا ڪٿي هوندا آهن؟ انهن ڪارڪردگي ڇو نظر ناهي ايندي.

هاڻي ته موسيمات کاتي جي ڪارڪردگي به بهتر ٿي وئي آهي. ان جون اڳڪٿيون هاڻي ڪافي حد تائين درست ثابت ٿينديون آهن ته ڇا انهن اڳڪٿين جي روشني ۾ ڪي بروقت انتظام نٿا ڪري سگهجن.

هاڻي بلوچستان اندر جيڪي شديد برساتون پيون آهن تن بابت رپورٽون آهن ته اتي وڏو نقصان ٿيو آهي. گوادر ٻڏي ويو آهي، وڏي لڏپلاڻ ٿي آهي. سڀاڻي برسات جو هڪ ٻيو اسپيل اچي رهيو آهي. سنڌ ۾ به پهرين مارچ کان برساتن ۽ تيز هوائن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. انهيءَ اڳڪٿي کي ڏسندي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اڳواٽ ايمرجنسي وارا انتظام ڪري ته جيئن گهٽ کان گهٽ نقصان ٿي سگهي.

اصل ۾ ادارا هوندا ئي ان لاءِ آهن ته جيئن اهي عوام جي خدمت ڪري سگهن ۽ ضرورت پٽاندڙ سندن جان، مال ۽ عزت جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهن. بلوچستان ۾ شديد برساتن سبب جيڪو نقصان ٿيو آهي تنهن جي روشني ۾ سنڌ اندر برجستا انتظام ڪرڻ گهرجن. ندين، نالن  ۽ عالم نالين جي هاڻي کان ايمرجنسي جي بنيادي تي جائزو وٺڻ گهرجي ته جيئن برساتي پاڻي جو بروقت نيڪال ٿي سگهي. بجلي جي انتظاميا کي به هاءِ الرٽ رهڻ گهرجي.

انهن شين کي ايمرجنسي لاڳو ڪري ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. پر اسان وٽ لٿي لاباري ڪم ڪرڻ جي روايت رهي آهي.  اڳواٽ غير معمولي اپائن ڏانهن ڌيان ناهي ڏنو ويندو تنهن ڪري اسان اڳواٽ ايڏانهن توجهه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.