اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف آءِ ايم ايف کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته مالياتي ادارو ٻن هفتن اندر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 30 سيڪڙو سيٽن جي آڊٽ يقيني بڻائي، آءِ ايم ايف پاڪستان کي مالي سهولت ڏيڻ کان اڳ گڊ گورننس بابت شرط رکي.
پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ترجمان رئوف حسن آءِ ايم ايف جي ايم ڊي کي خط لکيو آهي، جنهن جي متن موجب اهو خط پي ٽي آءِ باني جي هدايت ۽ ان طرفان آءِ ايم ايف کي موڪليو پيو وڃي.
خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف ٻن هفتن اندر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 30 سيڪڙو سيٽن جي آڊٽ يقيني بڻائي، آءِ ايم ايف پاڪستان کي مالي سهولت ڏيڻ کان اڳ گڊ گورننس بابت شرط رکي ۽ آءِ ايم ايف پاڪستان کي مالي سهولت ڏيڻ کان اڳ ٻيا شرط سامهون رکي.
خط جي متن موجب رڳو چونڊيل حڪومت سان ئي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، اهڙي حڪومت، جنهن تي عوام جو اعتماد هجي، سهولت سان گڏ سڌارا ضروري آهن، جيڪي قرضن جي ادائيگي ۾ آساني پيدا ڪندا.
خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ چونڊن تي 180 ملين ڊالر خرچ ٿيا، چونڊن ۾ ووٽن جي ڳڻپ ۾ وڏي پئماني تي مداخلت ۽ فراڊ ڪيو ويو، اها مداخلت ۽ فراڊ ايترو کليل هو جو آمريڪا، برطانيا ۽ يورپي يونين مڪمل ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو.
پي ٽي آءِ عالمي مالياتي اداري کان ڪهڙا مطالبا ڪيا؟ خط جا تفصيل سامهون اچي ويا
Next Post
You might also like