هن وقت تائين اهي ئي تجزيا ٿي رهيا آھن ته عالمي ادارن ۽ ملڪ جي طاقتور قوتن گڏجي تحريڪ عدم اعتماد آندي ۽ هڪ اهڙي حڪومت جي قيام جا بنياد وڌا ويا جيڪا آءِ ايم ايف جا شرط تسليم ڪري عوام کان نوان ٽيڪس اڳاڙي عوام جي جئيڻ جا دڳ بند ڪري خيرن سان اها حڪومت قائم ٿي وئي هن وقت به اهي اطلاع آھن ته لکين ماڻھو آءِ ايم ايف کي اپيل ڪري رهيا آھن ته هن حڪومت کي قرض نه ڏيو عوام تي ٽيڪس نه مڙھيو. عمران خان جي وڪيلن به خط لکي آءِ ايم ايف سان اليڪشن کان اڳ ڪيل معاهدي تان ڦرڻ جو اعلان ڪيو آھي ٻئي طرف هي حڪومت زبردست نموني قرض حاصل ڪرڻ جو پڪو طئي ڪيو آھي قرضن تي آخر هي معيشت کي ڪيستائين هلائيندا رهندا
ملڪ جا حُڪمران ۽ ادارا ڪنهن به طرح سُڌرڻ لاءِ تيار ناهن- سَڀ کان وَڏو مَسئلو سياسي عدم استحڪام جو آهي، جَنهن جي نتيجي ۾ مَعيشت به مفلوج ۽ معذور بَڻيل آهي- قُدرت طرفان سَڀ وَسيلا موجود هُوندي به اَسان دُنيا جي ڪمزور ترين ۽ اَپاهج مَعيشت آهيون- اُهو سَچ آهي ته هِڪ طرف 26 ڪروڙ ماڻهن تي ٻڌل ۽ ائٽمي طاقت مُلڪ جي بَجيٽ، ته ٻئي طرف دُنيا ۾ ڪيترائي اَهڙا اعليٰ ادارا ۽ يونيورسٽيون آهن، جَن جي بَجيٽ شايد! هِن مُلڪ جي مَجموعي بَجيٽ کان به وَڌيڪ آهي- اُن حَوالي سان خاص طور تي سنگاپور سٽي جي يونيورسٽيءَ جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، جَنهن جي بَجيٽ 50 اَرب ڊالرن کان به وَڌيڪ آهي، ۽ اَسان جي مُلڪ جي حالت هِي آهي جو آءِ ايم ايف جيڪڏهن چَند ڪروڙ ڊالرن جي قسط روڪي ڇَڏيندو آهي ته نه رُڳو اسان جا ناڻي جا وزير، ۽ وزيراَعظم ليٿڙاٽيون پائيندا آهن، پَر مُلڪ جي سَڀ کان وَڏي عسڪري اداري جي سربراهه کي پڻ به ايلاز مِنٿ ڪرڻا پَئجي ويندا آهن! اهو به سڀ حڪمرانن جي شاهه خرچين جو نتيجو آھي
خاص طور تي گُذريل پي ڊي ايم حُڪومت ۾ جَڏهن عالمي مالياتي ادارو قرض پروگرام بَحال ڪرڻ لاءِ تيار نه هو ته اُن وقت نه رُڳو ناڻي وارن وزيرن مفتاح اسماعيل، ۽ اسحاق ڊار ڪوششون ڪيون هُيون، پَر پَرڏيهي مُعاملن جي وزير بلاول ڀُٽو زرداري پِڻ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو هو، ۽ اُن وقت جي وزيراَعظم شهباز شريف هِڪ کان وَڌيڪ ڀيرا آءِ ايم ايف جي خاتون سربراهه ڪرسٽينا ليگارڊ کي منٿون ڪيون هُيون- آخر ۾ حالت اَهڙي ٿي جو دُبئي، سَعودي عرب، ۽ آمريڪا جي حُڪمرانن کي ايلاز منٿ ڪيا ويا ته توهان آءِ ايم ايف کي پاڪستان جو قرض پروگرام بَحال ڪرڻ لاءِ راضي ڪريو- پاڻ سَڀني کي ياد آهي ته اُن وقت جي آرمي چيف جَنرل باجوه پڻ قرض پروگرام جي بَحاليءَ لاءِ آمريڪا سان ڳالهايو هو، ۽ پوءِ نيٺ آءِ ايم ايف جا سَمورا ظالماڻا ۽ عَوام دُشمن شرط مَڃي نائون قرض پروگرام بَحال ڪرايو ويو، ۽ هاڻي اُها ڊيل ختم ٿيڻ جي ويجهو پُهتي آهي، جو هِڪ ڀيرو ٻيهر عالمي مالياتي اداري کان 6 اَرب ڊالر قرض وَٺڻ جو خطرناڪ منصوبو جوڙيو ويو آهي، ۽ اُن سلسلي ۾ آءِ ايم ايف جي حُڪمن جي بجا آوري ڪندي مُختصر عرصي ۾ گئس جي قيمتن ۾ ٽيون ڀيرو تمام وَڏو اضافو ڪيو ويو آهي! اهڙي ريت تيل بجلي سميت ٻين شين تي پڻ ٽيڪسن جي ڀرمار ڪئي ويندي
هِي عَوام سان سَراسر ظُلم آهي ته هِڪ طرف توانائي جو بُحران آهي- بِجلي گهڻي ڀاڱي بَند رَهي ٿِي- سياري ۾ ته گئس مُڪمل طور غائب هُئي- بِجلي تمام گهڻي مَهانگي آهي، ۽ هاڻي گئس جي اگهن کي به باهه لڳائي پئي وَڃي- اَهڙي صُورتحال ۾ ڪاروبار، ۽ صنعتون سَخت بُحران جو شڪار آهن- بيروزگاري تمام گهڻي وَڌي وَئي آهي- خراب مُعاشي حالتن جي نتيجي ۾ اَمُن امان پِڻ وَڌيڪ خراب ٿيو آهي- وقت جي حُڪومت، ۽ ادارا ماڻهن کي روزگار ۽ انصاف ڏيڻ ۾ ته ناڪام ٿي ويا آهن، پَر پوليس سَميت ڪيترائي سيڪيورٽي فورس موجود هُوندي به راڪاس بَدامني آهي، جيڪا پڻ مُعاشي سَرگرمين جي راهه ۾ رُڪاوٽ آهي- خاص طور تي سنڌ ۾ اَمُن امان جي صُورتحال انتهائي خراب آهي، ۽ هاڻي جَڏهن بدترين ڌانڌليون ڪري جعلي چُونڊون ڪرايون ويون آهن ته حالتون وَڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي!
هِي سياست، مُلڪي نظام، ۽ مَعيشت سَمجهڻ کان ٻاهر آهي ته جيڪو به اَچي ٿو، اُهو سسٽم سان کيڏڻ لڳي ٿو، ۽ اُن کي زوردار لَت وهائي ڪڍي ٿو- سياسي استحڪام شفاف چُونڊن سان جُڙيل آهي، پَر هر ڀيري چُونڊن ۾ ڌانڌلين جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا وَڃن ٿا، جَنهن ڪري مَعيشت به لُڙهي وَئي آهي- اَسان چَئون ٿا ته اَهڙي صُورتحال ۾ آءِ ايم ايف کان وَڌيڪ 6 اَرب ڊالر قرض وَٺڻ مُلڪ کي ڦاهو ڏيڻ برابر آهي- وقت اچي ويو آهي ته موجوده چُونڊن کي فوري طور ڪالعدم قرار ڏنو وَڃي- ٻيهر چُونڊون ڪرايون وَڃن، جيڪي هر قسم جي ڌانڌلين کان پاڪ هُجن، ۽ اُن کانپوءِ جيڪا به حُڪومت اچي، اُها مقامي مَعيشت کي هَٿي وٺرائي- باقي اُهو ڪو طريقو ناهي ته شيون مَهانگيون ڪري عَوام کي نپوڙجي، ۽ باقي خرچ پَکي لاءِ عالمي ادارن کان ڳاٽي ٽوڙ قرض وٺي ڳڙڪائي اُن جو وياج به عَوام مان ڪڍجي، ۽ مُلڪ کي اَهڙي ڌُٻڻ ۾ اُڇلائي ڇَڏجي، جَنهن مان نڪرڻ نامُمڪن ٿيندو پيو وَڃي! انهيءَ صورتحال ۾ ملڪي معيشت جو وڌيڪ ٻڏڻ اڻٽر آھي نتيجي ۾ وڏي خطرناڪ معاشي بحران جي پيدا ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڇا ٿيندو اهو ايندڙ وقت تيزي سان ٻڌائيندو
عام ماڻھوءَ جو جيئڻ ھاڻ مشڪل ڪيو ويندو روزانو خودڪشيون عام ٿي وينديون جيڪي اڳ ئي وڌي رهيون آھن انهيءَ سلسلي ۾ عوامي قوتن جو ڪردار انتهائي اهم آھي جيڪي عوامي مسئلن کي کڻي هڪ عوامي تحريڪ منظم ڪن هنن حڪمرانن خلاف جيستائين عوامي قوتون نه اٿنديون ان وقت تائين مهانگائي کي لاڳيتو وڌايو ويندو ڀرپاسي جي ملڪن ۾ به ائين عالمي مالياتي ادارن خلاف تحريڪون زور حاصل ڪري رهيون آھن
نوٽ اسٽيٽ بئنڪ وٽ باقي 8 ارب ڊالر بچيا آھن ۽ IMF کي 27 ارب ڊالرن جي قسط ڏيڻي آھي.
ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ جي لاءِ تمام ڳرا ٽيڪس لڳايا ويندا، کاڌي پيتي جو سامان تمام گهڻو مهانگو ٿيندو، بک ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري سماجي مسئلا وڌندا، ڏوهن ۾ اضافو ٿيندو، خودڪشين ۾ اضافو ٿيندو، جسم فروشي وڌندي.
سو پنهنجي ضرورتن کي محدود ڪريو، ايندڙ وقت لاءِ ڪجھه بچائي رکو. معاشي بحران وڌيو ته پاڪستان جي حالت ماضيءَ جي سوويت يونين جهڙي ٿيندي جتي ماني ملڻ به ڏکي هئي.