انساني تاريخ جا ساهه ٻوساٽيندڙ الميا آخر ڪيستائين؟

تحرير؛ حميده گهانگهرو

ڪارل مارڪس جو هڪ جملو هميشه منهنجي سوچ جو محور رهيو آهي. دنيا ڪيڏي به تبديل ٿئي، سياسي لاها چاڙها، سوناميون، زلزلا ۽ آفتون اچن هر دور جي تقاضا مطابق اهو سمجهيو ويندو آهي ته هاڻي جديد طريقي سان سياسي لاڙا تبديل ٿيا آهن. پر جڏهن تاريخ پڙهي ۽ عملي طرح سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته پهريون ڏاڪو ماضيءَ جا سياسي، سماجي تجربا، ڪوششون ڪاوشون، قربانيون ۽  جدوجهد ايندڙ وقت لاءِ سرواڻي طور نظر ايندي.

غلطيون ضرور آهن پر غلطين جو ازالو به سماجي سوچ وقت ۽ حالتن تي دارومدار رکي ٿو ۽ جڏهن سڌاري جي ڳالهه ايندي ته ڪارل مارڪس سڄي نظرياتي سوچ جي هجوم ۾ هڪ سلوگن کي جاندار طريقي سان بيان ڪيو آهي ته ”ماضيءَ  جي غلطين مان سبق سکو“ يعني نظرياتي باشعور انسانن کي پنهنجو پاڻ سڌاري جو گهر ٺاهي سماج جي سڌاري لاءِ اڳڀرا.ئي ڪري سگهجي ٿي. سياست جا نظريا، سوچ، فڪر ڀلي ڪهڙا به هجن پر سڌوسنئون تعلق سماج سان ٿئي ٿو. مذهب، سياست، سماجي رويا، ذاتي توڻي خانداني برادرين جا معيار سڀ وڃي انساني رشتن  جي ڪڙين سان ملي سماج کي جوڙين ٿا. انهيءَ ڪري سمجهڻ گهرجي ته تنقيد سان گڏ خود تنقيد جائزو به سماج جي هر فرد کي جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

76 سالن جي پاڪستان جي سياسي، سماجي، اخلاقي تاريخ ڪيتري جوڙجڪ، تبديليون، آسانيون يا وري قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ آئيني ترميمون ڪيون ويون. تنهن هوندي به 1947ع کان وٺي 70-80 جي ڏهاڪي ۾ صنعتي ترقي، زرعي سڌارن، تنظيمي سرگرمين جو واڌارو ڄڻ ملڪ جي ترقي پذير ٿيڻ کان ترقي يافته عمل ۾ پهچڻ وارو آهي. پر وري جمهوري حڪومتن جو دور شروع ٿئي ٿو. 5 سال مڪمل ٿيڻ تي اليڪشن هئڻ بدران ٻن سالن، 14 مهينن جي ميوزيڪل چيئر واري گيم سان ملڪ جون اسيمبليون ٽٽن ۽ ٺهن ٿيون. گهٽي ۾ کيڏجندڙ ٻارن وانگر هڪڙي جي هار ۽ ٻئي جي کٽڻ تي ٽهڪڙا مچي وڃن ٿا. ڏسندي ڏسندي پاڪستان جا وڏا صنعتي ادارا ملڪ جي معاشي بحران مان ڪڍندڙ انساني زندگيءَ جا اهڃاڻ ختم ٿيندي ڪنهن راڪاس جي نذر ٿي وڃن ٿا.

ملڪ ۾ چونڊون ٿين ٿيون.  چونڊن جي چوٻول وقت چونڊ جي موسم محسوس ٿئي ٿي ڪٿي برياني جون ديڳيون ورهائجن ٿيون ۽ ڪٿي ڳاڙهن نيرن نوٽ جا ديدار ڪرايا وڃن ٿا. پر غريب عوام سالن کان پيٽ بکيو رهندو اچي، سندن تن تي صحيح طرح لباس به ناهي هوندو، آخر ڇو؟ سندن قسمت ته تبديل ٿيندي نظر نٿي اچي.

پر چونڊ جي ڏينهن ۾ عارضي طور ڪجهه ماڻي سڪون حاصل ڪندا آهن. خبر هوندي اٿن ته اڄ عيد سڀاڻي گيد پريهن ساڳي ماني ساڳ سان. وري چڱي سوچ رکندڙ کين سمجهائڻ ۾ پورا ته بابا اوهين پنهنجو ووٽ نه پر پنهنجو پاڻ وڪڻو ٿا. اوهين آسرا ڏيندڙن وٽ پاڻ کي گروي رکو ٿا. پر پيٽ بکايل جي سوچ سمجهه به ڄڻ ستي پئي هجي.

هي صوفين، پيرن، ولين جي سڏائيندڙ ڌرتي کي جڏهن سمجهه به اچي ته شاهه ڀٽائي پير ولي نه پر ايڇ ٽي سورلي چواڻي دنيا جو عظيم وڏو شاعر آهي جنهن جي پيغام ۾ انسان ذات کان وٺي  پکين، جانورن، ڪيترن ماڪوڙن، وڻن، ٻوٽن گرمي، سردي سج جي تپش کي به محسوس ڪرايو آهي ته سياري جي سردي کي به وري بهار ۾ ٽڙندڙ گلابن جي خوشبو کي به ساراهيو آهي ته هاري، مزودر عورت جي عظمت کي به ساراهيندي سمجهايو آهي.

ڪونجن جي قافلي وانگر ٻڌي ۽ طاقت جي توازن برقرار رکڻ سان زندگي سنوارجيو وڃي. پر ڪير پڇي اٻوجهه عوام کان جيڪي رڳو شاهه سائين جي ميلي جا ڪنٽا ڪولابا پائي ريوڙيون، ڪشمش ۽  ڀڳڙا وٺي سمجهندا ته شاهه جي ميلي تان زيارت ڪري موٽيا آهيون. پر اتي هلدنڙ اهي ادبي ڪانفرنسون، مباحثا ۽ تقريبون ڪجهه ڄاڻ رکندڙ اصل شاهه جي پيغام کي کڻي وري ڪجهه دوستن جي ڪچهرين ۾ پيا ياد ڪندا. اهڙي سٻاجهي سنڌ کي ڪنٽن ڪولابن جي ضرورت نه پر شاهه جي سياسي مريدن ٿيڻ جي ضرورت آهي جيئن سنڌ جي اٻوجهه سوچ کي خريد ڪرڻ بجاءِ ان جي سچي ڪمٽمينٽ ۽ آواز تي رقص ڪري سگهجي، تڏهن وڃي اليڪشن جي ڏينهن ۾ عوام جي احساسن، جذبن، اميدن تي سوديبازي ڪرڻ بجاءِ حقن ۽ انصاف جي پاسداري ٿي سگهي ٿي.

2024 جي چونڊ کي 75 سالن واري تجرباتي چونڊ به چئي سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ جو ماضيءَ جي ڌانڌلين  جا تجربا ٺهيل اسيمبلين جا راتوڪي رات ڊهڻ جا خوفناڪ فيصلا زمين ڌوڏي آسمان ڦاڙي پارٽين  جي اجاراداري کي فرش تان کڻي عرشق تي پهچائي ووٽ ڏيندڙ عوام کي وائڙو ڪيو ڇڏين. پر تنهن هوندي به عوام پنهنجي وائڙائپ کي سمجهي نه سگهيا آهن. تنهن ڪري ڀلا ڏسڻو اهو آهي ته ڇا پارٽي اڳواڻن جي آسرن، واعدن جي ڪيتري صداقت عوام کي ايندڙ ٻي چونڊ ۾ پنهنجو ساٿاري بڻائي سگهي ٿي.

هن ڀيري وڏين جماعتن  جي قيادت ۾ نوجوانن قيادت کي اڳتي آندو ويو آهي مريم نواز کي پنجاب جي وزيراعليٰ بڻايو ويو آهي ۽ پنجاب جي تعليم، صحت، سماجي ڪمن نوجوانن لاءِ بيروزگاري جهڙا فيصلا ٻڌائي عوام کي اميد ڏيکاري آهي.هاڻي وارو خاص طور سنڌ جو آهي، سنڌ بنيادي حقن ۽ ضرورتن کانسواءِ سماج تي اثرانداز ٿيندڙ ٻيا مسئلا جهڙوڪ ڌارين جي آبادڪاري، ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ،  ڪوٽا سسٽم تحت به شاگردن جي داخلا جا مسئلا ۽ ڳرين فيسن وغيره وغيره جهڙا اذيت جهڙا مسئلا آهن جن عوام کي هميشه مايوس ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار ڪري رکيو آهي. سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪان جي مالڪي نه ڪرڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪارونجهر جبل کي چيري ڦاڙي ٽڪرا ڪري ورهائڻ  جهڙي ڳنڀير صورتحال تڪليف ڏيندڙ آهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ چونڊ مهمن ۾ خاص طور ڪاونجهر جي ڪٽائي تي تقرير  ۾ چيو جن ڪارونجهر کي ڪٽيو ان جا هٿ ڪٽيا ويندا. ضرور نوجوانن جو جذبو ۽ تازو رت آهي ضرور ياد هوندس ته قول ۽ فعل ۾ فرق رکڻ قومي جذبي سان ويساهه گهاتي آهي.

اهڙي طرح مراد علي شاهه جو ٽيون ڀيرو چونڊجي اچڻ ڪنهن حد تائين سٺي ڳالهه آهي پر کيس ماضيءَ جي تجربي ۾ پاڻ کي بهتر ڪرڻو پوندو. سنڌ ۾ آيل ٻوڏن ۽ زراعت جي تباهي سان گڏ ڪيترا ماڻهو ٻوڏ ۾ لڙهي مري ويا هيا. جانورن جي مرڻ جو ڪاٿو ئي ناهي. نيري آسمان هيٺان سخت سيءَ ۾ اٻوجهه ماڻهن وقت گذاريو. اهڙا لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا سندس ماضيءَ جي حڪمراني  جا خاص  مثال آهن پوءِ به عوام جي محبت ۽ وري به ڪامياب ڪرائڻ ۾ سندن جاکوڙ جا مثال ڪافي اتساهيندڙ آهن.

انهيءَ ڪري سمجهڻ گهرجي ته ڌڪيل ۽ زخمي تاريخ جو سڌارو ڪرڻ لاءِ سٺي اميد رکڻ عوام جو حق آهي. جڏهن ته اليڪشن جو مقصد  اليڪشن هوندي آهي. سليڪشن ناهي هوندي پر جيڪڏهن سنڌ جي عوام اليڪشن ۾ سٺي موٽ ڏني آهي ته اليڪشن دوران ڪيل تقريرن جو عملي جامو عوام ڏسن چاهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.