اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪي رياست نيويارڪ پهچي ويو .
پاڪستان حڪومت جي ايڪس اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ جتي وزيراعظم پاڪستان جي آمريڪا پهچڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، اتي اهو به ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪوٺايل اعليٰ سطحي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو، جن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جا اهم اجلاس، گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيئيٽو (جي ڊي آءِ) جي اعليٰ سطحي اجلاس ۽ موسمياتي ڪارروائي سان لاڳاپيل خاص اعليٰ سطحي تقريب شامل آهن.
بيان ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي وزيراعظم آمريڪي صدر ٽرمپ سان اسلامي ملڪن جي اڳواڻن جي ملاقات ۾ به شرڪت ڪندا ته جيئن علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جو ڏي وٺ ڪري سگهجي.
ان کانسواءِ وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي اڳواڻن ۽ گڏيل قومن جي اعليٰ عملدارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ويچاريو ويندو.
وزيراعظم نيويارڪ پهچي ويو، گڏيل قومن ۾ ڪشمير ۽ فلسطين بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندو
You might also like