ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لڳاتار ٻئي ڏينهن وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 5100 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 3 لک 98 هزار 8 سئو رپيا ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 4372 رپيا اضافي سان 3 لک 41 هزار 906 رپيا ٿي وئي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 51 ڊالر واڌ سان 3770 ڊالر ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن في تولي سون جي قيمت 3400 رپيا واڌ بعد 3 لک 93 هزار 700 رپيا هئي.
You might also like