¨ پنجاب ۾ عورتن سان اجتماعي زيادتين ۽ توهين مذهب جا واقعا ڳڻتي جي حد تائين وڌي رهيا آهن.
¨ اهڙو واقعو ٽيون ڏينهن به لاهور ۾ ٿيو آهي. هڪ عورت کي مذهبي ڌر سان تعلق رکندڙ ماڻهن توهين مذهب جي تهمت هڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته تو پنهنجي لباس تي قرآني آيتون ڇو پرنٽ ڪرايون آهن؟
¨ واضح رهي ته هڪ ريسٽونٽ ۾ ويل عورت جي لباس تي عربي لپي ۾ لفظ ”حلوه“ پرنٽ ٿيل هو جنهن جي معنيٰ ” خوبصورت“ آهي. ان لفظ کي عربي صورتخطي ۾ ڊيزائن طور پرنٽ ڪرائڻ ايڏو ڏو مسئلو نه هئڻ کپندو هو.
¨ ڇاڪاڻ ته قرآن شريف جي ٻولي ”عربي“ آهي پر ڇا هر عربي لفظ قرآني ٿي ويندو جنهن کي جيڪڏهن ڪٿي به استعمال ڪجي؟
¨ شڪر ٿيو ته لاهور جي هڪ پوليس اهلڪار ان عورت کي توهين مذهب جي الزام ۾ قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو ۽ مڇريل هجوم آڏو ان عورت کان ”معافي“ وٺرائي سندس جند ڇڏائي وئي.
¨ هتي اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڪجهه وقت اڳ هڪ عرب عورت حسن جي مقابلي ۾ هڪ اهڙو لباس پهريون هو جنهن تي ڪلمو شريف پرنٽ ٿيل هو ان تي ته سعودي عرب ۾ ڪا فتويٰ نه مڙهي وئي هئي ته پوءِ هن عورت کي ڇو هراسان ڪيو ويو جنهن جي لباس تي ”حلوه“ لفظ لکيو هو.
¨ اصل ۾ اهڙن بنياد پرستن جي ڪم علمي ۽ ڪم ظرفيءَ ئي دنيا اندر اسلام کي بدنام ڪيو آهي ۽ ان کي هڪ انتها پسند مذهب جي سڃاڻپ ڏني آهي جيڪا اسلام جي بنيادي تعليم ۽ روح جي بلڪل ابتڙ آهي.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته بجاءِ ان جيته حلوه لفظ وارو پرنٽ ٿيل لباس پاتل عورت کي معافي وٺڻ تي مجبور ڪجي اها معافي جي ان بنياد پرست هجوم کي عورت کان وٺڻ گهرجي ها جن پنهنجي ڪم علمي ۽ ڪم ظرفي سبب ”مذهب کي انتهاپسند طور بدنام ڪرڻ شروع ڪيو آهي.