سعودي معاهدو پاڪستان کي وڌيڪ دٻاءُ ۽ اڪيلائي ۾ وجهي سگهي ٿو: عائشه صديقه

اسلام آباد (مزمل سهروردي) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ نئين دفاعي معاهدي تي ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو آهي ته سعودي عرب جي اصل پريشاني ايران سان آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته  اسرائيل سان نه ته انهن جي سڌي دشمني آهي ۽ نه ئي اسرائيل لاءِ مڪه ۽ مدينه ڪڏهن ڪو هدف رهيا آهن۔ هن پس منظر ۾ سعودي عرب پنهنجي دفاع لاءِ هڪ ايٽمي ڇتري حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هن معاملي ۾ پاڪستان ان لاءِ وڏي اميد طور ڏٺو پيو وڃي۔ڊاڪٽر عائشه صديقه وضاحت ڪئي ته معاهدي ۾ هن دفاعي تعاون کي "اسٽريٽجڪ” سطح تي وڌايو ويو آهي، جنهن سبب بظاهر ايٽمي هٿيارن يا ٽيڪنالاجي جي امڪان تي بحث پيدا ٿيو آهي۔ڊاڪٽر صديقه موجب سعودي عرب جي خواهش پراڻي آهي ته اهو يا ته پاڻ ايٽمي صلاحيت حاصل ڪري يا گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان جي ايٽمي ڇتري ۾ اچي،هن چيو ته جيتوڻيڪ ڪنهن وڏي حڪومت هن معاهدي تي کلي تنقيد ناهي ڪئي، پر عالمي ميڊيا ۾ ان جي اثرن تي بحث ٿي رهيو آهي۔ مغربي تجزيه نگارن موجب جيڪڏهن پاڪستان سعودي عرب کي ايٽمي هٿيار يا ٽيڪنالاجي منتقل ڪئي ته اهو نه صرف اسرائيل پر مغربي دنيا کي به سڌي ڳڻتي ۾ وجهي سگهي ٿو۔هن چوڻ هو ته هي معاهدو خطي ۾ طاقت جي توازن کي سڌي ريت متاثر ڪري سگهي ٿو، پر پاڪستان جا اندروني حلقا ان تي ورهايل آهن،هڪ طرف ان کي "سعودي عرب سان لاڳاپن جي نئين سطح” طور پيش ڪيو پيو وڃي، ته ٻي طرف هي خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان کي بناسبب اسرائيل ۽ مغرب جي نظر ۾ آندو پيو وڃي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.