سيد اويس قادر شاهه جي صدارت ۾ مستحڪم پارليمان اسٽريٽجڪ پلان 29-2024 ڪميٽي جو اجلاس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ اربع ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ مستحڪم پارليمان اسٽريٽجڪ پلان 29-2024 ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ايم پي اي ۽ ڪميٽي ميمبر سيد اعجاز حسين شاهه، خرم ڪريم سومرو، شام سندر، هير سوهو، تنزيلا امه حبيبه، ماروي فصيح، سعديه جاويد ، قرت العين خان، ڊاڪٽر فوزيه حميد، مهيش ڪمار هسيجا، نصير احمد، محمد فاروق، محمد اويس ۽ سجاد علي سومرو شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي جي ايم عمر فاروق، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ اسيمبلي عرفان احمد ميمڻ، مستحڪم پارليمان پراجيڪٽ جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر هما اڪرم الله ۽ پراجيڪٽ جو ڊپٽي ٽيم ليڊر اعزاز آصف به موجود هئا.
اجلاس ۾ ايجنڊا تي تفصيل سان غور ڪيو ويو، جن ۾ مصنوعي ذهانت، هيومن ريسورس انفارميشن سسٽم، انٽرنيشنل پارليامينٽري يونين، ليجسليٽو ڊرافٽنگ يونٽ، پارليامينٽري ڊيولپمينٽ يونٽ، پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز، پوسٽ ليجسليٽو اسڪروٽني، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي، اسٽريٽجڪ مقصد ۽ اسٽريٽجڪ پلاننگ ڪميٽي جا معاملا شامل هئا.
اعزاز آصف ڪميٽي کي بريفنگ ڏني، بريفنگ کان پوءِ ميمبرن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ تجويزون پيش ڪيون.
اجلاس ۾ گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو ته اسٽريٽجڪ پلان کي آخري جائزي لاءِ سب ڪميٽي حوالي ڪيو وڃي، سب ڪميٽي جي منظوري کان پوءِ اسٽريٽجڪ پلان ڪميٽي جا ميمبر ۽ چيئرمين، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه اسٽريٽجڪ پلان 29-2024 جي توثيق ڪندا.
سيد اويس قادر شاهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پارلياماني معاملن کي جديد بنيادن سان جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، قانونسازي جي عمل ۾ مصنوعي ذهانت ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي شامل ڪرڻ سان نه رڳو اسيمبلي جي ڪارڪردگي وڌائي سگهي ٿو پر عوامي مسئلن جي حل ۾ به نمايان سڌارو آڻي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.