ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ اهم ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ کاتن ۾ مربوط ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس ۾ مالي نظام، سڌارن، عدالتي عمل، ثقافتي واڌاري، زراعت جي نگراني، ٽيڪسيشن سڌارن ۽ روڊن جي حفاظت بابت وڏين سڌارن جي منظوري ڏني وئي اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي۔ وڏي وزير ڪابينا کي ٻوڏ بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته سنڌ گذريل ڇهن هفتن کان خطري هيٺ رهي آهي۔ پهرين لهر 24 آگسٽ تي گڊو بئراج وٽ 5 لک 34 هزار ڪيوسڪ، سکر وٽ 4 لک 81 هزار ۽ ڪوٽڙي وٽ 2 لک 73 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿي۔ ٻي لهر 15 سيپٽمبر تي 6 لک 35 هزار ڪيوسڪ تائين پهتي۔ جيتوڻيڪ ماهرن 11 لک ڪيوسڪ تائين خطري جي اڳڪٿي ڪئي هئي پر وقت سر قدمن سان صورتحال تي ضابطو آندو ويو۔ 528 منصوبا بند رليف ڪيمپن مان رڳو 17 ڪيمپون فعال ٿيون جتي 1 لک 92 هزار 122 ماڻهن کي سهولتون ڏنيون ويون. هن خبردار ڪيو ته موسمياتي تبديلي سبب ايندڙ سال چوماسو وڌيڪ شديد ۽ وقت کان اڳ ٿي سگهي ٿو تنهنڪري موسمي حقيقتن مطابق تياري لازمي آهي. سنڌ فنانشل رولز 2023 ۽ ڊليگيشن آف فنانشل پاورز رولز ۾ ترميمون منظور ڪيون ويون جن تحت بقايائن جي دعوائن جي جاچ کي کاتن تائين منتقل ڪيو ويو ته جيئن دير ختم ٿئي۔ البت 10 سالن کان وڌيڪ پراڻيون دعوائون اڃا به ناڻي کاتي جي منظوري سان ٿينديون۔ هڪ اهم قدم طور 34 هزار 106 اسڪولن کي مالي خودمختياري ڏني وئي آهي جنهن تحت هيڊ ماسٽر هاڻ سڌو آپريشنل فنڊن تائين رسائي حاصل ڪري سگهندا۔ مٽياري ۽ سکر ۾ پائلٽ لينڊ ڊجيٽلائيزيشن پروگرام تحت مختيارڪار کي به 2 لک رپين تائين خرچ ڪرڻ جا مالي اختيار ڏنا ويا آهن. تيرنھن دهشتگردي ٽوڙ عدالتن کي منشيات سان لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ خاص عدالتن طور ٻيهر نامزد ڪيو ويو جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججن ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽن کي عارضي طور اهي اختيار ڏنا ويا جيستائين مستقل عدالتون قائم نه ٿين ڪابينا ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي جي اختيارن ۾ اضافو ڪيو۔ هاڻ اهو کاتو عالمي سطح تي سنڌي ثقافت جي واڌاري، سياحتي خدمتن جي ضابطن، پيشيوراڻي تربيت، قلمي نسخن جي ڊجيٽلائيزيشن، آثار قديمه جي حفاظت ۽ ٻولي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ذميوار هوندو۔ ان سان گڏ سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌ ٽورازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ۽ سنڌ بورڊ آف فلم سينسرز به انهيءَ کاتي جي حوالي ڪيا ويا.
ڪابينا 9 ڪروڙ 99 لک 60 هزار رپين جي لاڳت سان 10 موبائل ٽيسٽنگ وينز جي خريداري جي منظوري ڏني . ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ لاءِ سنڌ ريوينيو بورڊ (SRB) کي ايف بي آر، پي آر اي ايل ۽ ايس اي سي پي سان ڊيٽا شيئرنگ ۽ ڪمپني رجسٽريشن ڳنڍڻ لاءِ ايم او يو تي صحيح ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي۔ ان کان علاوه نون ترميمي نوٽيفڪيشنن جي منظوري ڏني وئي جيئن ڪلاسيفڪيشن ڪوڊز کي ريونيُو تي اثر وجهي بغير هموار بڻايو وڃي۔ .