جيڪب آباد(ڊ ر) جيڪب آباد ۾ سڱاوتي تڪرار تان سلطان ڪوٽ واسي نوجوان قتل، جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد باءِ پاس تي چوڪي نمبر 5 وٽ اڻڄاتل هٿياربندن موٽرسائيڪل تي گهر ويندڙ نوجوان عارب جکراڻي جو اڳ وٺي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پهچايو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي،
مقتول جي ڀاءُ پير بخش جکراڻي دانهيندي چيو ته سئوٽن کان سڱ ورتل آهي انهن ڏانهن سڱ وٺڻ لاءِ وياسين ته انهن انڪار ڪري ڇڏيو، واپس وڃڻ تي اڳ وٺي ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي واقعي جو نوٽيس وٺي، قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، پوليس ٻڌايو ته سڱاوتي تڪرار تان نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، وارثن جي اچڻ کان پوءِ ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.