ڪراچي (ارباب چانڊيو) پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل لياري ٽائون چيئرمين ناصر ڪريم بلوچ خلاف پنهنجي ئي ٽائون ڪائونسل جي ميمبرن بي اعتمادي ڪندي سرڪاري طور تي هڪ چارج شيٽ جاري ڪئي آهي. چار شيٽ ۾ چيئرمين تي ڪرپشن، ترقياتي فنڊن ۾ گهوٻين، پنهنجا نوازي، انتظامي نااهلي ۽ چونڊيل ميمبرن کي نظرانداز ڪرڻ جا الزام هنيا ويا آهن. ميمبرن جو موقف آهي ته گذريل ٻن سالن ۾ ڪروڙين رپيا ترقياتي فنڊن ۾ هڙپ ڪيا ويا پر عملي طور تي علائقي ۾ ڪو به ڪم نه ٿيو، جنهن جو ثبوت لياري جون تباهه حال گهٽيون ۽ روڊ آهن. چارج شيٽ ۾ وڌيڪ الزام لڳايو ويو آهي ته 300 کان وڌيڪ صفائي ملازمن کي غير قانوني طور خانگي ڪمپني حوالي ڪري هر مهيني 30-35 لک رپين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، اڻ چونڊيل ماڻهن کي ٽائون تي قابض ڪيو ويو آهي ۽ چيئرمين ميمبرن سان غلامن وارو رويو رکندو آهي. ان سان گڏوگڏ ٻن سالن ۾ رڳو ڏهه اجلاس سڏيا ويا، جيڪا مڪمل نااهلي آهي. بي اعتمادي واري رٿ تي وائس چيئرمينن ۽ ميمبرن سميت ڪيترن ئي چونڊيل نمائندن جون صحيحون موجود آهن،
جڏهن ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر کي به رسمي خط ذريعي آگاهه ڪيو ويو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ٽائون ڪائونسل ايندڙ اپائن بابت ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي. لياري ۾ اڻ چونڊيل ماڻهو لياري کي هلائين، اهو چونڊيل نمائندن لاءِ سوال ته ضرور آهي. ڏسڻو پوندو ته چونڊيل نمائندا ڪڏهن حرڪت ۾ اچن ٿا.