جهنڊومري (رپورٽ: دودو خان لنڊ) جهنڊومري تعلقي جي مشاخ هوٿي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ پيارو خاصخيلي ۾ رهندڙ عورت کي قتل ڪيو ويو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ذريعن کان مليل تفصيل موجب ٻنپهرن جو مشاخ هوٿي ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيارو خاصخيلي ۾ مڙس پنهنجي زال راڄٻائي کي ڪوڏر ۽ ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو،
عورت جي عمر اٽڪل پنجاهه سال ٻڌائي پئي وڃي، پوليس لاش ٽنڊوالهيار اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو جن ڪفن دفن ڪرڻ بعد ايف آءِ آر ڪٽرائڻ جو چيو، عورت جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.