حيدرآباد (رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ۽ پاپولر ليفٽ الائنس جي ڪنوينر ڪامريڊ امداد قاضي سنڌ ايمپلائيز الائنس ۾ شامل سڀني ادارن جي ملازمن جي سڀني مطالبن کي جائز قرار ڏيندي، سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته ملازمن جا مطالبا منظور ڪيا وڃن. هن چيو ته حڪومت پاڻ غلط پاليسيون ٺاهي نه رڳو ملازمن جا حق ڦٻائي مسئلاپيدا ڪري رهي آهي پر سنڌ جي سڀني ادارن کي تباھ پڻ ڪري رهي آهي. جيڪڏهن حڪومت ان سلسلي ۾ الائنس جي قيادت سان ڳالهيون ڪري سندن مطالبن کي تسليم ڪري باقاعدہ نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.